بي واهو اولاد

بي واهو اولاد
مُنهنجا ادا/مُنهنجي ڀيڻَ!
اوهان ڏي هي سٽون لکڻ کان پهرين، الاءِ ڪيترو وقت مان پريشان رهيو آهيان. ان کي پريشاني چوان يا اضطراب...بيچيني چوان يا مونجههَ...سچ پچ ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان ڪيفيت کي مان ڪهڙو نانءُ ڏيان. سڀ نالا جهڙوڪر ڌنڌ جي ڪنهن غلاف ۾ ويڙهبا ٿا وڃن. ڪو اڻ سڃاتل رستو آهي، جنهن تي سفر جاري آهي، ميل جا پٿر لڳل آهن پر سفر کُٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. هر پٿر تي جهڙوڪر هڪڙو ئي انگ لکيل آهي، گهمي ڦري سامهون اچي وڃي ٿو. رات مان اڱڻ ۾ ستو هُئس ۽ ستارن ڀريل آسمان ۾ توهانجي اولاد جي اکين مان نڪتل ستارا، چمڪندڙ ستارن سان گڏجي ٽِم ٽِم ڪري رهيا هُئا. ادا، اهو اولاد، جيڪي تُنهنجي شادي ختم ٿيڻ کان پوءِ تُنهنجي اڳوڻي گهر واريءَ وٽ آهي ۽ ادي، توهانجو وري اهو اولاد، جيڪو هاڻي پنهنجي پيءُ وٽ رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته طلاق کان پوءِ، اوهان جي شادي ٿي وئي. اوهان ٻيو گهر وسايو ۽ پنهنجي گهر جي سازو سامان کي “تلپٽ” ڪندي، اوهان پنهنجي وجود جو اهو سامان به سدائين لاءِ ڇڏي آيا هُيَئو. جنهن کي اولاد چئبو آهي. ستارن جي جهرمر ۾ ايتري چمڪ نه هُئي جيتري انهن ڳوڙهن ۾ هُئي. ڇاڪاڻ ته ستارا ڪراڙا به ٿي چُڪا آهن، ڳوڙهو، هر نئين گهڙيءَ ساڻ نئون نڪري ٿو. چمڪدار، رنج وَ الم سان ڀرپور...لُوڻيَو....ڪُرائيندڙ.هي خط ڇاڪاڻ ته ٻن مختلف ڪردارن ڏانهن آهي. تنهن ڪري، انهن جي سمجهاڻي به ضروري آهي.
ادو، اسان جو اهو مهربان “مذڪر” وجود آهي، جنهن پسند تي شادي ڪئي، هلي نه سگهيو، اولاد ٿيو ته به نه ٿيڻ جهڙو، ڇاڪاڻ ته اهو اولاد، اها ڏور اُڻي/واڻَي نه سگهيو، جيڪا سندن امان بابا کي ڳنڍي بيهي ها، ڇڪي بيهي ها. نتيجو؟...ڪاغذي ڪارروائي ۽ سڀ ڪُجهه ختم....فيصلو ٿيو ته اولاد ماءُ کي آيو، هٿَ ڇنڊي، مسافرُ ٻئي سفر تي روانو ٿي ويو. اتي وري ڪو ٻيو همسفر پسند آيو، جيءَ جڙي ٿي وئي. پويون باب بند ٿيو، نئين باب جي تحرير شروع ٿي وئي. اولاد بهرحال پنهنجي جاءِ تي آهي...اسان جي ڀاءُ جي مڃڻ نه مڃڻ ساڻ ڪهڙو فرق ٿو پوي!
ادي، اسانجو اهو “مؤنث” ڪردار آهي، جنهن جي شادي پسند/ناپسند سان ٿي...بس ٿي وئي، اولاد جي نعمت ملڻ کان پوءِ، حياتيءَ ۾ سمجهه جي زحمت آئي ته “گڏ هلي نه ٿو سگهجي” پوءِ اها سمجهه اديءَ کي آئي يا سندس خاوند کي...ٽي لفظ ادا ٿيا. سڀ ڪُجهه ختم. اولاد پيءُ جي حوالي...ماءُ سُورن ۾....ڪٿي ڪٿي وري ماءُ به جهمرين ۾ ته چڱو ٿيو جان ڇُٽي....گهٽ ۾ گهٽ ٻي شاديءَ ۾ اِها “پَخَ” لڳل ته نه هوندي. جي اها ساڳي ماءُ سورن ۾ آهي ته به سندس سورن جو اولاد جي صحت تي ڪهڙو اثر؟ اولاد کي ته اها جدائي جهوري وئي، جيڪا زال مڙسَ جي وچ تي ٿي. نتيجو اهو نڪتو ته سڄي حياتي “بي وزنيءَ” جي ور چڙهي وئي ۽ وجود بي وزن هُجي ته حياتيءَ جي سفر ۾ وکَ سلامت ڪيئن رهي سگهي ٿي؟
هيءَ سڄي ڪهاڻي ڪا نئين ناهي! صدين کان طلاقون ۽ رساما ٿيندا رهن ٿا. ڪٿي ڪٿي ته زال مڙس کان وڌيڪ، انهن جا مائٽَ، انهن طلاقن، وڇوڙن، رنجن رسامن لاءِ ذميوار هوندا آهن. الاءِ ڇو پنهنجي فيصلي جي ڪتڪتائي محسوس ڪندي گَد گَد ٿيندا آهن. زال مڙس وري پنهنجي پنهنجي مائٽن جي دٻاءَ ۾ هوندا آهن ۽ مائٽن کي فخر هوندو آهي ته سندن حڪمن جي پوئيواري، اولاد پوري حساب سان ٿو ڪري...کانئن اهو ڇو وسري ويندو آهي ته انهن کي به اولاد آهي...ان جو ڇا ٿيندو!؟ سندن اولاد ته شعور جي ان سطح تي، هنن جي ڪري پهچي چڪو آهي جو حلال عملن ۾، رب مٺڙي وٽ سڀ کان ناپسنديده عمل ”طلاق“ کي اختيار پيو ڪري، جيتوڻيڪ عقل علم ۾ پختو آهي...سندن ڪچڙو اولاد ڇا ڪندو! ان سان ڪهڙو حال ٿيندو!؟ ڳالهه ڊگهي آهي. صدين جو سفر آهي، جنهن ۾ اها ٿيندي رهي آهي پر هاڻي ان ڪري وڌيڪ ڏکي لڳي ٿي ته اڄڪلهه شعور جو سفر تيز ترين آهي. ارتقائي حوالي سان، جتي هميشه دنيا بيٺي آهي. اتي پهرين ڪو به نه پهتو هو. هن موسم ۾ به اهو سڀ ائين ٿئي! اهو حيرتناڪ ناهي! جڏهن ڪلاڪن جون خبرون منٽن ۽ منٽن جون هڪ لحظي ۾ رسن ٿيون. جڏهن ماڻهو چاهي ته باخبر ٿيڻ ۾ لحظو نه ٿو لڳي. اتي مائٽَ طلاق کان پوءِ يا الڳ ٿيڻ کان پوءِ غافل ڪيئن رهي وڃن ٿا؟ ماءُ ۽ پيءُ، ساهميءَ جي ٻن پُڙن جيان هوندا آهن، جن جو “ميزاني ڪانٽو” اولاد هوندو آهي، جيڪو سندن محبت جي توازن تي حياتي گذاريندو آهي. پُڙَ ڳرا هلڪا ٿيندا رهندا آهن ۽ اولاد انهن پٽاندڙ پنهنجي پرورش جو سفر طئه ڪندو رهندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جي خدانخواسته ٻنهي مان ڪو هڪڙو اجل جي حوالي سان جدائي ماڻيَن ته اهو ٻه پُڙَو ميزان، “يَڪ پُڙَو” ٿي ويندو آهي. هاڻي ان ۾ حياتيءَ جي ڊوڙ جو ميٽر لڳي ويندو آهي ۽ اولاد ڪنڍي ۾ لڳل رسيءَ جيان، ان وزن جي سهاري، طاقت ماڻيندو آهي. اجل کان فرار ناهي، پر جيئري جدائي جيڪو عذاب آڻي ٿي، ان کان ڪٿان ٿو فرار ملي سگهي؟
ادا/ادي...هُو جيڪي اڪيلائپ جي آغوش مان مُنڍي ڪڍي، هُجومَ ۾ مرڪندا آهن، بهادر ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ڪُجهه گهڻا ئي خوش هوندا آهن. اُهي ان ڦوڪڻي جيان هوندا آهن، جن کي خوف و حراس جي پِنَ ڪنهن به وقت ڦاڙي سگهي ٿي. هُو ڏڪندا آهن، روئندا آهن، اڪيلائپ ۾ هانءُ ڦاڙ رڙيون ڪندا آهن...ڪمال جا غضبناڪ ايڪٽرَ هوندا آهن...اسان ۽ اوهانجهڙن بلڪه سڄي جڳَ کي گهمائي لاهيندا آهن. پنهنجي درد جي لکا نه ڏيُڻ ته ڪير انهن کان سکي...پر مٿن جيڪي ننڍين ننڍين ڳالهين جا وڏا وڏا لمحا، ڇپن جيان ڪرندا آهن. اهي، ايترين ڪوششن جي باوجود کين ناڪام نامراد ڪندا آهن. هُو ناڪام نامراد ناهن ٿيندا، اسان ٿيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اهي اسانجو تخم هوندا آهن. هوءَ رات جو روز توکي ياد ڪري روئندي آ ادا، جو ننڍڙي هوندي هوءَ تُنهنجي ٻانهن تي ليٽي، چنڊ ڏانهن نهاري سمهندي هُئي. چانڊوڪيءَ جهڙي اها ادڙي، هاڻي چنڊَ جي داغن جيان ٿيندي پئي وڃي...هوءَ تنهنجي فون نمبر کي چُمندي آهي جيتوڻيڪ اهو بدلجي چڪو آهي، ڇو ته تون سندس ڪال اٽينڊ نه ٿو ڪرڻ گهرين. تُنهنجي پراڻي مفلر کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ويڙهي، تنهنجي مرڪ جي ڀاڪر کي محسوس ڪندي آهي. هوءَ گلاب جامن جو پهريون اڌ تنهنجي لاءِ ڪڍندي آهي، ڇاڪاڻ ته تون ان مٺائيءَ جو عاشق آهين ادا...هوءَ دريءَ مان ٻاهر گهٽيءَ ۾ لڳاتار نهاريندي توکي ايندو محسوس ڪندي آهي ۽ پوءِ مُرڪي دري بند ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته تون ناهين اچڻو...تون ڇو نه ٿو اچين ادا...؟ ڇا تُنهنجي ٻانهن، هاڻي نَون ٻارن کي سمهاريندي ٿڪجي پئي ٿي جو اها، ان لاءِ نه ٿي اچي، جيڪا تنهنجو پهريون ٻار هُئي؟...ڇا چنڊ نڪرڻ بند ٿي ويو آهي ۽ ڇا تو مٺائيءَ کان مُنهن موڙي ورتو آهي! ۽ ادي...هُو اَبي سان گڏ رهندي، گاڏيءَ جي اڳئين سيٽ تي توکي وهاري گاڏي هلائيندو آهي
امڙ... تنهنجي فوٽو فريم تي، تنهنجي ننڍڙن پيرن کي هٿ لائي نڪرندو آهي ۽ پنهنجي هر دوست جي ماءُ کي ڏسندي کين اجايو “امان” سڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيتوڻيڪ هُو ڄاڻندو آهي ته کيس ماءُ ناهي...وقت جو ڪم گذرڻو آهي، گذري ويندو پر...جڏهن هٿن تي گُلال چڙهندو، جڏهن مائرون سهرا ڳائيندي، پنهنجي رئي جي ڇانءَ ۾، نئين ڪنوار جي آمد جو اعلان ڪنديون آهن يا ڌيئن کي رُخصت ڪنديون آهن ته هنن لاءِ ڪهڙو سامان تيار ٿيندو ادا/ادي؟...ائين ناهي ته ڪو هُو اڪيلا هوندا، پر مٿي تي هٿ رکڻ وارو والد ۽ ڪلهي تي هٿ جي نازڪيءَ واري امڙ نه هُجي...ته درد جو ڪو هڳاءُ پلئه پَوَيوَ ٿو؟ تربتن ۾ ليٽيل هُجن ته ڪُجهه سمجهه ۾ اچي ٿو...هي جيئري ئي، ايترو ڪُجهه ڏين ٿا مائٽ... ته پوءِ مائٽ بڻجن ئي ڇو ٿا؟ ڇو ٿا شاديون ڪن؟ اولاد ڄڻين ۽ پوءِ ان کي بيواهو ڪن؟ ڇا سندن وجود ۽ احساسن جون سڀ دريون بند ٿيل آهن ۽ انهن تي چِيڙُهه چڙهي ويو؟؟
ادا/ادي....!
سلوڪن جي جهان ۾ اڄ جو ٻار شديد پريشان آهي، پريشان ان ڪري آهي، جو مائٽن ۾ ويڇا وڌن پيا ۽ جدت جي لباس کي پهري...هاڻي “عزت سان الڳ ٿيڻ” جو ڪانسيپٽ وڌي پيو...خدارا...موٽي اچو...نه ڪيو ائين...هڪ جيئري جاڳندي وجود کي بي موت نه ماريو...پنهنجن خواهشن جي هجوم ۾ گهيرجي، ڪنهن جي وزن کي بي وزنو نه ڪيو. جي هلي نه ٿا سگهو ته به هلو...ڇاڪاڻ ته جي، هٿ ڇڏائڻ جي جهان ۾، هلڻ شروع ڪيوَ ته پوءِ توهان جو پيدا ڪيل نسل، ڪڏهن به اعتماد سان ڪنهن جو هٿ پڪڙي نه سگهندو. ڪير ڪنهن تي اعتبار نه ڪري سگهندو. دنيا ۾ اهڙو مثال نه بڻايو ته جتي بنا مڙس جي عورت کي “رن زال” ۽ بنا گهر واريءَ جي مڙس کي “رنڙُ” سڏبو آهي، اتي هاڻي، انهن جي اولاد کي ماڻهو خاص ٽرم “بي واهو اولاد” ڏين ۽ انهيءَ عظيم الشان ڪارنامي جو سڄو سهرو اسان جي سَر هُجي.
                             محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع