سائينءَ جي هٻڪار!

سائينءَ جي هٻڪار!
نائين محرم الحرام 1439ع هجري، ڇنڇڙ ڏهاڙي ”سر عبدالفتاح مغل صاحب“ پنهنجي حياتيءَ جو سفر مڪمل ڪيو، انا لله و انا اليه راجعون. اهي سڀ، جيڪي ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ پڙهيل آهن ۽ جن انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ بي ايڊ، ايم ايڊ جو سفر ڪيو آهي ۽ جيڪي اولڊ ڪئمپس جي در و ديوار کان واقف آهن، ڄاڻن ٿا ته سر عبدالفتاح مغل صاحب ڪير هئا. هڪ گهاٽي وڻ جي ڇانوَ رخصت ٿي آهي. 70ع جي ڏهاڪي ۾، ماڊل اسڪول سان جيءُ جڙيو هو. ڇهين درجي کان وٺي، انٽرميڊيٽ تائين 7 سال، پراڻي نو ودياليه هاءِ اسڪول جي عظيم الشان، باوقار، پرشڪوه عمارت ۾ اسان علم جي سُتي پيتي هئي. اسين سڀ بيحد خوش نصيب انسان آهيون، جن کي اهڙا عظيم استاد مليا. جن کي ڌڻيءَ اهو علم عنايت ڪيو هو ته علم جي عنايت ڪيئن ڪجي. ڪپهه جهڙن وارن سان سر عبيدالرحمان کان وٺي سر حاجي موٽيل تائين ڪنهن جو ڪنهن جو نانءُ ڳڻائجي! هر هنڌ، هر جاءِ تي ڄڻ ته سڀئي شاگردن کي سکيا ڏيڻ لاءِ آتا هوندا هئا. مٿان وري انهن جا سرواڻ، اسان جا پرنسيپلز، سائين تاج محمد هاليپوٽو صاحب، سائين عبدالفتاح مغل صاحب، سائين غلام حسين انصاري صاحب، الله اڪبر...ڇا ته هيرا انسان هئا، ڌڻيءَ کين صرف ۽ صرف ڄڻ ته لائق استاديءَ لاءِ چونڊي موڪليو.
ڇا ته نظم و ضبط هوندو هو! اسيمبلي ۾ سڀ حاضر، ته وري هر خميس تي ڪلاسن ۾ وڃڻ مهل، انٽري پوائنٽس تي وارن، نهن ۽ ڪپڙن، بوٽن جي چڪاس لاءِ الڳ الڳ استاد مقرر هوندا هئا. هر شاگرد تريون اونڌيون ڪري، آنڱريون سڌيون ڪري، ٽيچر وٽان لنگهندو هو، جيڪو نهن تي نظر وجهندو هو. جنهن جا نهن ميرا هوندا هئا، انهن کي هلڪي ڏنڊي لڳندي هئي، ۽ وڏن نهن وارن جا، نهن ڪٽڻ لاءِ، نيل ڪٽر جو انتظام هوندو هو. وارن جي ڪٽنگ جو به خاص حڪم هو. گهڻو ڪري پوليس واري ڪٽ يا ”ڪريُو ڪٽ“ وار هوندا هئا ۽ مٿان ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جو چلڪو به خاص اهميت رکندا هئا. عمارت ۾ مٿي چڙهڻ لاءِ، ڏاڪڻ وٽ، اهو الرٽ عملو موجود هوندو هو، جنهن ۾ محترم پرنسپال جي هر هنڌ موجودگي جهڙي لازم هوندي هئي. هو ڪنهن نه ڪنهن پوائنٽ تي بيٺل هوندو هو. جتي نه هوندو هو، اتان لنگهندي سک سان ساهه کڻبو هو. نهن ڏيکاري، ڪنڌ تي وارن جي ”ڪريو ڪٽ“ محسوس ڪرائيندي، مون اڃا ڏاڪي تي پير مس رکيو هو، جو لڳو هئم ته ساڄي پير ۾ ڄڻ ڪا هلڪائي ٿي وئي هجي. ڌڪ لڳو هو پر نه لڳڻ جهڙو، مڙي ڏٺم ته احساس ٿيو، بوٽ جي کڙي اڏامي چڪي هئي، معنيٰ کاٻي پير جي بوٽ ۾ کڙي هئي ۽ ساڄو پير خالي هو. ڏنڊيءَ جي چوٽيءَ تي لڳل لوهه، کڙي کي کڻي ويو هو، ٿورو مٿي لڳي ها ته شايد پير جي کڙي به ضربي ها، ڏٺم...سائين عبدالفتاح صاحب، پاڻ ڏي اشاري سان سڏي رهيا آهن. اتي پهتس ته هڪدم ڪن ۾ هٿ وڌائون، ”بوٽ ميرو ڇو آهي؟“بوٽ ته ميرو نه هو...چلڪيو پئي، وراڻيءَ جي همت نه هئي. پاڻ ڪن کي مهٽو ڏيندي چيائون، ”بابا...بوٽ جي اصل چمڪ، ان جي کڙي ۾ هوندي آهي...اڳيان ته هر ڪنهن جو بوٽ چمڪندو آهي. ٻاهر وڃ...وڃي کڙي لڳرائي اچ...۽ ها آئيندي اها به صاف هئڻ گهرجي.“
اهي زمانا هئا، جڏهن چهرن تي رعب لکيل هوندو هو، ڇاڪاڻ ته اندر ۾ لالچ جي دري بند هوندي هئي. استاد، ٻارن جي کيسي تي نه، عملن تي نگاهه وجهندو هو ۽ سر عبدالفتاح صاحب انهيءَ لڏي ۾ هڪ اهم نالو هو. سائين جيتوڻيڪ ڪلاس گهٽ وٺندا هئا پر سندن چرپر تمام گهڻي هوندي هئي. سڀ الرٽ هوندا هئاسين، ته پرنسيپل الائي ڪٿان اچي نڪري!...ڪڏهن ڪڏهن ته رسيس ۾، اسان جي وچ ۾ گهمندا رهندا هئا. سر مغل کي جيڪا اون هئي، ان جو احساس، هن عمر ۾ شدت سان ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ صحت صفائيءَ جو مضمون پڙهائڻ ايندا هئا ۽ ڇا ته پڙهائي ويندا هئا. اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ به، ساڻن ملاقات جو شرف ملندو رهيو هو. مختلف ادارن ۾ پڙهائيندي، ڪم واسطي، جڏهن رابطي ۾ ايندا هئا ته سندن لهجو ڪجهه لڄارو هوندو هو. مون محسوس ڪيو هو ته سائين ڪنهن کي ڪو ڪم چوڻ، مناسب نه ڀائيندا هئا، ۽ خاص طور تي، پنهنجي ڪنهن شاگرد کي چوڻ ته ڄڻ هنن لاءِ بي حد ڏکيو هو. مان ٻه دفعا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪٽ جو ميمبر رهيو آهيان. پنهنجي ايمان سان لکان ٿو ته سر جڏهن به مون کي ڪنهن ٻئي جي ڪم لاءِ چيو هوندو ته سندن لهجو اهو ئي کڙڪيدار هوندو هو، جنهن پرنسپل جي لهجي مان اسان جو ساهه ويندو هو، ۽ جڏهن به پنهنجي لاءِ ڪو ڪم چيائون ته مان محسوس ڪندو هئس ته ڪجهه به چوڻ مهل ڄڻ سندن اندر تي بار جا تهه چڙهي ويندا هئا. هڪ وضعدار، وچٿري، سکيا ڏيندڙ وجود جي مهڪ، سندن وجود ۾ سدا موجود رهي.
سر، سدائين پنهنجي انداز ۾ سادا رهيا. اسان جي بئچ 1979ع ۾ نڪتل هئي. 38 سال ڀريا، سندن ڪڏهن ڪڏهن جي ديدار نصيب ٿيو ته سائين سدائين پنڌ هلندا نظر آيا. مون کين ڪڏهن به ڪنهن وڏي گاڏي، ڪنهن ٺٺ ٺانگر ۾ نه ڏٺو. سادو اٿڻ ويهڻ سندن معمول هو، جيڪو سندن عام رواجي روين ۾ به پيو بکندو هو. ڄامشوري ٻه دفعا مليا، خبر پئي، بس ۾ آيا هئا ۽ بس ۾ واپسيءَ لاءِ بيٺل هئا. هن دور ۾ نگاهه وجهبي ته اساتذه ڪرام جي ٽنگ گهٽ ۾ گهٽ اسڪوٽر کان ته هٽيءَ ئي نٿي. اهي شخصيتون الائي ڪيئن وقت گذاري ويون. آخري ڀيرو مليا هئا ته الائي ڇو ڳپل دير بيٺا هئا. هدايتون ڪندا رهيا...وڻن جي گهاٽي ڇانوَ هيٺ، هڪ ٻي ڇانوَ نصيب ٿي رهي هئي، ”غريب غربي تان هٿ نه کڻجائين بابا...چڱن جو اولاد آهين...چڱائي ڄاڻين ٿو...هونئن به اسين ان پيشي سان لاڳاپيل آهيون، جنهن ۾ مال جو فڪر نه هوندو آهي...مون گهڻو ڪجهه حياتيءَ ۾ ناهي ڪيو...ڪري ناهيان سگهيو....هن پراڻي جاءِ ۾ رڳو ٻه فلور وڌائي سگهيو آهيان. گهر جو در اهو ئي ننڍڙو آهي...اڃا اهو به وڏو ڪونه ڪرايو اٿم...پر جي ڪجهه ڪري سگهيو آهيان ته مون خيال ضرور ڪيو آهي....خيال ضرور رکيو آهي ته ڪنهن جو اهنج، ايذاءُ گهٽ ٿي سگهي...ڏنو جيڪڏهن نه به هوندم ته ڏکايو به نه هوندم بابا.....“
هيرن جواهرن جو نسل تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي، اهڙا استاد، جيڪي پنهنجي شاگردن لاءِ نجا پجا دعا جا در هجن، جن کي خبر هجي ته ڪنهن جو ڪهڙو حال آهي، ڪيئن گذاري ٿو. رڳو پڙهائڻو ناهي، پالڻو تاتڻو به آهي، هاڻي تمام گهٽ نظر اچن ٿا. ياد اچي ٿو ته، ڏنڊي لڳڻ جي ٻئي هفتي، واپس لنگهي رهيو هئس ته پاڻ بيهاريو هئائون. بوٽ جي کڙيءَ تي نگاهه وڌي هئائون. پڇيائون، ”گهڻو خرچ آئيي؟“ تڪڙو وات مان نڪري ويو هئم ”اٺ آنا سر...“ کيسي مان ٻه پاوليون ڪڍي هٿ تي رکندي چيو هئائون ”آءِ ايم سوري، مون کي ايئن تيز ڏنڊي نه هڻڻ کپي ها.“ پئسا وٺڻ، نه وٺڻ سمجهه ۾ نه پئي آيو. ڪنهن زماني ۾ هڪڙو پيٽيس 20 پئسا ۽ هڪڙو سموسو ٻه آنا يعني 12 پئسن ۾ ملندو هو. امان روز مون کي خرچي جا 52 پئسا ڏيندي هئي، جن مان ڀڄي ڀڄي ڪئنٽين تي هڪ سموسو، 2 پيٽيس کائيندو هئس. سڀ کلندا هئا ۽ هنن مون تي نالو ئي ”ايڪ سموسا دو پيٽيس“ رکيو هو. مون سمجهيو اهو راز لڪل آهي، پر 50 پئسا ڏيندي مرڪيو هئائون ”وٺ وٺ...ٻه پئسا پاڻ وجهي ڇڏجائين ۽ هڪ سموسو ٻه پيٽيس کائي ڇڏجان.“
اها مرڪ، اڄ شدت سان ياد آئي آهي، جنهن جو مرڪندڙ، ڏهين محرم جي رات، لحد ۾ لهي چڪو آهي. جنازي تي، اسين ڪجهه پراڻا شاگرد گڏ هئاسين، جن ان ننڍڙي دروازي مان پنهنجي پرنسپل جو جنازو ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪئي. دل کي محسوس ٿيو ته هڪ وڏو ماڻهو، دل جي وقار سان رخصت ٿيو. هڪ محترم استاد، شفيق وجود، خوددار، وچٿرو، باوقار انسان سر عبدالفتاح مغل، هاڻي آرامي آهي، ۽ اسان جهڙا هزارين شاگرد، سندس بخشش لاءِ عرضدار آهن. هن وڏي ڏينهن تي هٿ ضرور کڻجو. مالڪ کيس درجا عنايت ڪري، سندس پورهيو قبول ڪري. آمين. اهڙن وجودن جي هٻڪار، سدائين رهڻ لاءِ موجود هوندي آهي.
mehmoodmughal@hotmail.com

14 comments:

eset-nod32-antivirus-license-key-full the list of features of Bitcoin Monitoring, Banking Protection, and Control. ESET's user interface is better and newer this season. We think last year's version is more.
new crack

This article is so innovative and well constructed I got lot of information from this post. Keep writing related to the topics on your site

Mycleanpc Serial key is best software in this time because you can change day by day because you worries about your defending when your computer data is threat.

Thank you, I’ve recently been searching for information about this subject for a long time and yours is the best I have found out so far. newcracksoft.com

This article is so innovative and well constructed I got lot of information from this post. Keep writing related to the topics on your site. Glary Utilities Crack

im very impressed with your post because this post is very beneficial for me and provide a new knowledge to me

MyCleanPC License Key

This design is wicked! You most certainly know how to keep a reader amused.
Between your wit and your videos, I was almost moved to start my own blog (well, almost…HaHa!) Great job.
I really loved what you had to say, and more than that, how you presented it.
Too cool!
mount and blade warband cracked
imindmap crack
webcammax crack
desktopok crack
adguard android license key
Crack Like

Leawo Total Media Converter Key permit tape exchange that you upload as of the net. It assist near ornament
https://freeforfile.com/leawo-total-media-converter-crack-free-download/

Your writing and presentation skills as well as your overall style have really impressed me.
blog A purchased theme or one that you've modified is either the case.
You? Whatever the situation may be, the most important thing is to listen to new music with high-quality lyrics.
Today, I seldom come across a blog as nice as this one.

replay music crack
world of tanks wot crack
hma pro vpn crack
driver toolkit crack


Thank you so much for letting me express my feeling about your post.
You write every blog post so well. Keep the hard work going and good luck.
Hope to see such beneficial post ahead to.

smadav pro rev crack
stellar toolkit for data recovery crack
systools hard drive data crack 2
tenorshare icarefone crack
teracopy pro crack

I am very impressed with your post because this post is very beneficial for me and provide a new knowledge to me. this blog has detailed information, its much more to learn from your blog post.I would like to thank you for the effort you put into writing this page.
I also hope that you will be able to check the same high-quality content later.Good work with the hard work you have done I appreciate your work thanks for sharing it. It Is very Wounder Full Post.This article is very helpful, I wondered about this amazing article.. This is very informative.
“you are doing a great job, and give us up to dated information”.
home-designer-crack/
animashooter-pioneer-crack/
gilisoft-audio-toolbox-suite-8-5-0-crack-with-serial-key-free-download-2022/
clonedvd-ultimate-crack/

I guess I am the only one who comes here to share my very own experience guess what? I am using my laptop for almost the past 2 years.

adina-system crack



nch-photopad-image-editor Crack



zemax-opticstudio Crack



redcrab-calculator-plus Crack



wondershare-mobiletrans Crack

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع