پيلي ڪِريم، سائي ڪِريم

پيلي ڪِريم، سائي ڪِريم
سندس ياد جي چادر سدائين تاڻيل هوندي آهي. هاڻي، جڏهن عمرِ عزيز، تيزيءَ سان پنهنجي انت ڏي وڃي پئي، جڏهن وارن جي تارن ۾ هڪڙو وار به ڪارو ناهي رهيو آهي...ته سندس ياد جو پاڇو اڃان وڌيڪ گهرو محسوس ٿئي ٿو. ساندهه 22 سال ٿيا کيس ڏٺي...سندس پيرن جي آڱرين کي چمندي، پٻن کي چوسيندي...سندس هٿن جي لمس کي محسوس ڪندي، هن جي جُتي سڌي ڪندي...وقت ڪيڏو نه ويري آهي! ڪيئن اسان کي پنهنجي هلندڙ واشنگ مشين جي ”ڊرائر“ ۾ سُڪائيندو ٿو رهي...نيٺ نپوڙي ٻاهر اڇلائيندو پر سندس وهڪرو ڪيڏو نه تيز آ...الائي ڇو، نٻل هٿن تي اٽڪي پوندو آهيان. اهي سانورا، گهنجن ڀريل هٿَ ياد ايندا آهن جن وٽ محبت ڏيڻ مهل ڪي به گهنج نه هوندا هئا. جيڪي مٿي تي، وارن ۾ محبت جي استري ڪندا هئا ۽ سياري جي موسم ۾، جن ۾ سدائين سائي ڪِريم يا پيلي ڪِريم جي خوشبو هوندي هئي. هوءَ ڪيڏي نه حسين هئي. ڇا سڀ مائرون ايڏيون ئي حسين هونديون آهن؟ ڇا اهي حسين هونديون آهن يا محبت کين حسين بڻائي ڇڏيندي آهي!...سبب ڇا به هجي، ڪهڙو به هجي، ماءُ جي حسناڪين ۾ ڪو شڪ ڪٿان ٿو ڪري سگهي! ماءُ ته بس حُسن جو اصل نالو آهي.
ڪيڏا نه عجيب ڏينهن گذريا...تهه سياري ۾، جڏهن رڌڻي جي پَٽ تي ٻوري وڇايل هوندي هئي ۽ ڪارپيٽ جو، غاليچي جو ڪم ڏيندي هئي ته رڌڻي جي ان گرميءَ ۾، سندس هٿن جي ٺاهيل چانهه مانيءَ ۾ ڪيڏو نه مزو هوندو هو. مان سدائين جيان، هن جي وڏي رئي جي دامن کي ڇڪيندو هئس...رئي جي ڪنڊ سان کيڏندو هئس. سچ چوان ٿو، اندر ۾ آگم لهن ته الائي ڇو مان اڄ به ڄڻ، امان سانئڻ جي رئي جي ڪنڊ جهلي ويهندو آهيان، هڪ دم طاقتور ٿي ويندو آهيان. تنهن زماني ۾، سياري جي موسم ۾ ٻه ڪِريمون سندس محبوب ترين هونديون هيون. پِيلي ڪِريم...سائي ڪِريم. سيءَ جي ڪري چپن جا پاسا ڦٽي پوندا هئا، نڪ جي چوٽي ڳاڙهسري ٿي ويندي هئي ۽ پيرن جي کڙين ۾ ڏار پئجي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته انهن مان رت به وهڻ شروع ٿي ويندو هو. هوءَ هڪدم، انهن ڪريمن مان ڪنهن به هڪ کي، پنهنجي هٿن جي آڱرين جي چوٽين تي لائي، باهه تي هلڪو سيڪُ ڏئي، ڏُکيل جاءِ تي مالش ڪندي هئي. سڙندڙ نڪ جي چوٽي ۽ ڦاٽل چپن جون ڪنڊون هجن يا زخميل کڙيون...ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو هو. اهو جادو، الائي انهن ڪريمن ۾ هو الائي هن جي هٿن جي آڱرين ۾! بس خبر اها هوندي هئي ته سڀ ان جادوءَ سان ٺيڪ ٿيڻو آهي...امان جو جادوگرياڻي آهي. ٺيڪ ٿيڻ باوجود به اهي ڪريمون زهر لڳنديون هيون. انهن جي خوشبو پري کان ئي ايندي هئي ۽ مٿان وري جنهن جاءِ تي اهي لڳنديون هيون اها سڻڀي ۽ چلڪڻي ٿي ويندي هئي. پير ته خير ٺيڪ هئا، منهن تي اهي ڪريمون بلڪل به نه وڻنديون هيون. بس هوءَ منهن هوڏانهن ڪري، پوءِ هڪ سَٽَ سان ڪريم کي غائب ڪرڻ جي ڪوشش اسان جي هوندي هئي.
هوءَ بي انتها عالم خاتون هئي. قبلا سائين فقير ميان نور محمد مغل سان شاديءَ کان اڳ، هوءَ سنَ جي اسڪول ۾ استاد مقرر هئي. 1940ع ۾ سندس شادي ٿي هئي. خاصخيلي امڙ، مغل ابي سان پرڻي ته نوڪري ڇڏي آئي. ابو ڪورٽ ۾ بيلف هو، ڪَوئَي ڪَسوئَي گذر ٿيندو هو پر منهنجي امڙ، حڪم پٽاندڙ وري نوڪري نه ڪئي. امان سانئڻ، پنهنجي زماني جي وڏي ”تارُون“ هئي. ٽلٽيءَ ۾، سهتن جي حاويليءَ جي اتر اولهه ڪنڊ ۾ ”گهاڙ“ موجود هئي، جتي عورتن جي وهنجڻ جو خاص پردي دار اهتمام هو. ان زماني ۾ ان کي ”گهاڙي“ سڏيو ويندو هو، جنهن ۾ مڙسان تار پاڻي وهندو هو. امان سانئڻ، بهترين سوئيمر هئي. ٽلٽيءَ جون خواتين سندس خوبيون ڳڻائينديون آهن ته فخر سان اهو ذڪر ڪنديون آهن. هوءَ پڙهائيندي هئي ته دل سان، ڪجهه پچائيندي هئي ته اندر جي قرب سان ۽ جي ترندي هئي ته اڳواڻيءَ جي فخر سان...امان سانئڻ جي ٻي محبوب ترين پسند، چڪني جي ڪپڙي جو چولو ۽ انرجي بسڪيٽ هوندا هئا. هوءَ شلوار ۽ رئو سدائين اڇو استعمال ڪندي هئي...ابي جي وفات کان پوءِ، ياعمر هن رنگين وڳو نه پاتو. بس سندس چولو، ڇيٽ يا چڪن جو هوندو هو، جنهن کي ”چڪنو“ سڏبو هو. خاص طور تي ان ۾ آسماني يا گلابي گل کيس ڏاڍو موهيندا هئا. هوءَ ڏاڍي سادي هوندي هئي. پيرن ۾ باٽا جي سندڪ ۽ اهو سادو وڳو سندس ڪُل اثاثو هوندا هئا. مون سڄي عمر ڪڏهن به سندس مٿو اگهاڙو نه ڏٺو، نه ئي ڪڏهن وارن ۾ ڪو ڪانٽو ڏٺومانس. سڌي ڦڻي ڏئي، رئو ڍڪيندي هئي ته اهو بنا ڪانٽن جي ”ڦٻڻ“ جي، سنئون سڌو مٿي تي ئي هوندو هو، سرڪندو نه هو. تنهن زماني ۾، انرجي بسڪيٽ 8 رپئي پيڪٽ ملندا هئا. ادا وارا خرچي ڏيندا هئا. پر الائي ڇو 8 رپيا نه جڙندا هئا. ڪا نه ڪا کوٽي ٽوٽي رهجي ويندي هئي. ها جڏهن به ڪاميابي ٿي ۽ دٻو وٺي آيس ته سندس مُرڪ ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هوءَ پنهنجن پئسن مان گهرائيندي هئي پر منهنجي حسرت هوندي هئي ته اهي منهنجا پئسا هجن...مان ان لاءِ وٺي اچان، پر بس، ڪجهه عرصو ترسي هُن اهي کائڻ ڇڏي ڏنا...حياتيءَ جي وڏين خلشن مان، هڪڙي خلش اها به رهجي وئي.
کيس علم و ادب سان بي حد چاهه هو. هُن ڄامشوري اچي تعليم بالغان جو سلسلو شروع ڪيو ۽ خاص طور تي ڪلام پاڪ جي تعليم ڏيڻ به شروع ڪيائين. جي اسان احتياط سان ڪَٿ ڪيون ته به 1970ع کان اسان جي گهر ۾ مدرسو شروع ٿيو آهي، جنهن ۾ ننڍي عمر جا ڇوڪرا ۽ هر عمر جون ڇوڪريون ۽ خواتين پڙهيا آهن. تقريبن 47 سالن جي ان سفر ۾، امان سانئڻ جي وڃڻ کانپوءِ ٻيو نمبر اديءَ اهو جهان سنڀاليو آهي. ادي امڙ جي پورهئي کي جاري رکي پئي. پاڻ به ڪمائي پئي، هُن لاءِ به هلندڙ ثواب جو بندوبست ڪري پئي. پنهنجي حياتيءَ تي نگاهه وجهندو آهيان ۽ شيڊول جي سختي ڏسندو آهيان ته مون کي بي اختيار احساس ٿيندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه امان جو سيکاريل آهي، ڇاڪاڻ ته 24 ڪلاڪن ۾ سندس وقت جو هر تخمينو مڪمل هوندو هو. اسين وقت جي حساب سان سوچي وٺندا هئاسين ته امان ڪٿي هوندي ۽ ڇا ڪندي هوندي...فجر کان وٺي اشراق تائين ڪلام پاڪ...پوءِ نيرن ۽ وري قرآن پاڪ جي تلاوت...منجهند جي ماني ۽ ظهر جي نماز کان پوءِ مدرسو...جيڪو 5 وڳي شام تائين هلندو هو ۽ پوءِ امان ٽيليويزن ڏسندي هئي ۽ رات جو جلدي سمهي پوندي هئي. ادا خليل جي اوچتي وفات کانپوءِ هُن ٽي وي ڏسڻ به بند ڪيو هو، بلڪه ان کان ڪافي پهرين اهو سلسلو بند ٿيو هو. هوءَ مغرب کان پوءِ يا مصلي تي هوندي هئي يا مصلي جي پاسي ۾ رکيل ننڍڙي منجيءَ تي ويٺي تسبيح پڙهندي هئي. کيس ڳولڻ اسان لاءِ ڪڏهن به ڏکيو نه رهيو. ڊسمبر 1993ع ۾ ادا خليل جي اوچتي وفات، کيس جهوريو ته بس پوءِ هن ڳالهائڻ بلڪل گهٽائي ڇڏيو. پنهنجي ٻي نمبر لاڏلي پٽ جي جدائيءَ کيس ڳاري وڌو ۽ هوءَ صرف 14 مهينا ۽ 15 ڏينهن ئي وڌيڪ جي سگهي. سندس وزن تيزيءَ سان ڪرندو رهيو. هوءَ بس ميڻ جيان رجي رهي هئي. بابا جي وفات کان 25 سال پوءِ اسان جي گهر مان ڪو ويو هو. اهي 25 سال، گهر ۾ ڀاتين جو اضافو پي ٿيو. ڀائرن جون شاديون ٿيون هيون، کين اولاد ٿيو هو، سڀ ڪجهه وڌي رهيو هو جو ڄڻ اها اوچتو بريڪ لڳي وئي. زندگيءَ جو سفر وري روان دوان ٿيو، پر ٻين لاءِ...هوءَ ماءُ هئي...هُن لاءِ اهو سڀ ڪجهه ايڏو سولو ٿورئي هو.
پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به مون سندس وات تي، زندگي جي ڪا به شڪايت نه ٻڌي. هوءَ هر حال ۾ شڪر گذاري سان گذاريندي هئي. هڪ پڙهيل لکيل ماسترياڻي، غريبيءَ جي دامن ۾ ويڙهجي، زندگي کي منهن ڏنو. بابا فقير تن انسان هو. بي حد لائق، بي حد پڙهيل پر دنيا کان پاسيرو...هن ابي سان خوش گذاريو، ڏکن کي سکن جي سونهن بڻائي، حياتي گذاريائين. هوءَ هاڻي جسماني طور تي ناهي ته سيارا ايندا آهن ته جديد مهانگن بوٽن اندر، پيرن جي کڙين ۾ ڏارن جي ٿيڻ جي خواهش ڪَرَ کڻندي آهي. نڪ جي چوٽي پچڻ ۽ چپن جون ڪنڊون ڦاٽڻ جي آس ٿيندي آهي پر الائي ڇو اهي هاڻي اهو نٿا ڪن، صحيح سلامت ٿا رهن...شايد کين به اها پڪ آهي ته جي اهي سڀ ٿيو ته هاڻي اهي هٿ ناهن جن ۾ شفاءَ جو سڏ هوندو هو. اها پيلي ۽ سائي ڪريم، جنهن کي جڳ ”ويزلين“ سڏيندو آهي اڃا به مارڪيٽ ۾ آهن ۽ سڀ واپرائين پيا. الائي ڪيئن، الائي ڇو، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شاپنگ مال يا ننڍڙي دڪان ۾ مان اهي ڏسندو آهيان ته شيشي کڻي، ڍڪ کولي، سونگهي ڏسندو آهيان. مان وٺڻ ناهيان گهرندو ڇاڪاڻ ته جنهن لاءِ وٺندو هئس اها هاڻي آسوده خاڪ آهي. ريڪ ۾ واپس رکندي، ساهه ۾ الائي ڇا هرندو آهي. سندس هٿن جون آڱريون وڌيڪ مهڪڻ لڳنديون آهن. ڄاڻان ٿو، هوءَ هاڻي، اها ڪريم هڻڻ نه ايندي. واپس ريڪ ۾ رکندي محسوس ڪندو آهيان ته خوشبو ته سدائينءَ لاءِ هوءَ مون وٽ ڇڏي وئي آهي. جيڪا هاڻي مون کي ڏاڍي وڻي ٿي.
مائرن جي عالمي ڏينهن تي مونکي محسوس ٿئي ٿو ڄڻ مان سندس پير چُمان ٿو، سندس جُتيءَ کي هٿ لائيان ٿو ۽ سندس پيرن جي آڱرين جا پور چوسيان ٿو. ڄاڻان ٿو، پنهنجي هن کوٻلي پُٽ جي وجود مان، انهن ڪريمن جي خوشبو هوءَ نڪرڻ ڪو نه ڏيندي. پروردگار سندس درجات بُلند ڪري ۽ کيس بيحد نوازي. آمين.
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع