پَرينءَ ڀر

پَرينءَ ڀر
سج لهي رهيو هو، شام گهِرِي ٿي رهي هئي ۽ اندر ۾ ڪٿان ڪو آواز آيو پئي، ”اسان وٽ هاڻي احتياط، سوچ ۽ مَرَمَ جي شام ٿئي پئي ۽ بداحتياطي، لاغرضي ۽ بي پرواهيءَ جا پاڇا گهِرا ٿي رهيا آهن.“ ڇاڪاڻ ته سامهون نظر ايندڙ منظر، دل ڌوڏيندڙ هيو. مان، ٽنڊي الهيار شهر جي ريلوي ڦاٽڪ تي بيٺل هئس، جيڪو ڪجهه منٽَ پهرين بند ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪا ريلَ اتان لنگهڻي هئي. قطارن ۾، ٽيو نمبر قطار ۾ منهنجي گاڏي اچي بيٺي هئي ۽ منهنجي سامهون ئي، جنهن مهل اهو ڦاٽڪ بند پئي ٿيو ته ڀاءُ ڍول ڀُڻڪيو هو، ”دير نه لڳندي، هتان ريلَ فٽافٽ لنگهي ويندي، گهڻو وقت ڪو ڦاٽڪ بند نه رهندو.“
ڪجهه دير ۾ ئي جهڙوڪر قيامت اچي وئي هئي. رڳو هڪ پاسي کان ئي چار قطارون گڏ ٺهي ويون هيون ۽ اهو خوف پئي ٿيو ته جي ڦاٽڪ کُليو ته اڳتي ڪيئن وڌبو، ڇاڪاڻ ته سامهون ايندڙ ٽريفڪ لاءِ، اسان اچڻ جي جاءِ ئي ڪونه ڇڏي هئي. هلو، اهو ته ٿيو خير...ساڄي کاٻي، هِتان هُتان، الاءِ ڪٿان کان ڳِجُهن جيان موٽر سائيڪلن لامارا ڏيڻ شروع ڪيا. اها اُڏام ٻه طرفِي هئي يعني سامهون ايندڙن به ائين ڪيو پئي ۽ هِتان ويندڙ به سرفراز ٿي رهيا هئا. هڪڙو هُجوم هيو، جيڪو بي انتها خطرناڪ انداز سان، پٽڙيون پار ڪري رهيو هو. جن وٽ ٻيلهه يا ٽيلهه سواريون هيون، انهن صاحبن، اضافي سواريءَ جي سامان کي لاٿو پئي ۽ هئنڊل جي ٻنهي پاسن کان يا ٽانڪيءَ تي رکيل سامان سُوڌو، پٽڙيون پار ڪري رهيا هئا. هيٺ لٿل، ٿڪل سواريون، پنڌ پٽڙي ٽپِي، ٻئي پاسي وري سواريءَ جو مزو ماڻي رهيون هيون. کِل، مسخري، هُوڪارا...هڪڙو تماشو هو، جيڪو جاري هو، ڇاڪاڻ ته ريل کي اچڻ ۾ ڪجهه منٽَ ئي هئا. دير پئي ٿي، پَرينءَ ڀَرِ وڃڻ تمام ضروري هو.
ساهه کي گُهٽ ٿيڻ لڳي هئي. ڪنهن به وقت ريلَ اچي سگهي ٿي. پٽڙيون وچان اُڀيون هيون، پاسي کان وڇايل پٿرن تي ٽائرَ اَٽڪيا پئي ۽ اُڀريل لوهي پٽڙيءَ تان موٽر سائيڪل کي ڌِڪو ڏئي ٽپائڻ ۾ روڪ پئي ٿي، پر سڀ مست لڳا پيا هئا، هر ڪو بس هُن پار وڃڻ لاءِ آتو هو. اشارن جي زبان هلي رهي هئي ته ٽرين جي اچڻ جو جهان ڇا آهي! سامهون وارا، هِن طرف وارن کي اشارو پيا ڪن ۽ هِن طرف وارا هُن ڀَر وارن کي. تان جو اهو منظر به سامهون آيو، جو مون کي لڳو ته پَرينءَ ڀَرِ هڪ اسڪوٽر اهڙو به آيو، جيڪو سامان سان سَٿيَل هو. ٽانڪيءَ تي هڪڙو ٻارڙو ويٺل هيو. اسڪوٽر واري، ڌِڪي، پٽڙيءَ ڏانهن اڃا گاڏي ڪئي مس، جو احساس ٿيس ته ريل مٿان اچي ڪَڙڪِي آهي ۽ هُن تيزيءَ سان بائيڪ پوئتي ڪئي. هڪ لحظي ۾ ٽرين آئي ۽ پريان هئڻ جي ڪري، هُو نگاهه تان هٽي ويو. الاءِ ڇا ٿيڻ لڳم، جو کَن پل ۾ ريلَ لنگهي وئي ته ڏٺم، هُو وري پنهنجي ڪوشش ڪامياب ڪرڻ جي چڪر ۾ هو. ڇاڪاڻ ته ڦاٽڪ اڃا کُليو نه هو.
اسين سڀ، ڪو فزڪس، ڪئمسٽريءَ جا ماهر ناهيون، پر هڪ ڳالهه سڀ ڄاڻندا آهيون ته جيڪي سواريون ڊگهيون هونديون آهن، تيز هلنديون آهن، اهي پاڻ ساڻ هوا جو هڪ تيز وهڪرو به کڻي اينديون آهن. هاڻي ٽرين جڏهن لازمن تيز لنگهي ٿي ته ان سان هوا جو تيز داٻ به هجي ئي هجي ٿو. ڇا اهو داٻ، ايترو ويجهو بيٺلن کي محسوس نه ٿيندو هوندو؟! ڇا کين خطري جو ڪوبه احساس نٿو ٿئي؟! ڪجهه لمحن ۾ سڀ ڪجهه نارمل هو. ائبنارمل ته پهرين به نه هو، پر ڦاٽڪ کُلي ويو هو ۽ چار چار قطارون آمهون سامهون ٿيندي، پنهنجن سامهُن رُخن ۾ سفر لاءِ نڪتل هيون. نڪري ته مان به آيس، پر لڳم ته اتي ئي ڪٿي رهجي ويو آهيان.
اسين قوم جي حيثيت سان، ايڏا لاغرض ڇو آهيون خواتين و حضرات! حياتي اسان کي ايتري سَستي، ڇسي ۽ بي قيمت ڇو ٿي لڳي! اسان وٽ عام رواجي رنگ ۾ شين جو قدر ڇو ڪونهي! اسان وٽ پنهنجي ذات لاءِ احتياط ڇو ڪونهي، ٻين لاءِ احتياط ته وڃي کڏ ۾ پوي! ڪجهه عرصو پهرين سنڌ جي وزيرِ اعليٰ بائيڪرز لاءِ هيلمٽ پائڻ ضروري قرار ڏنو، ڪجهه ڏينهن سختي هلي، ته کِل ته اها پئي آهي، جو هڪڙو همراهه، بنا ڪنن جي ديڳڙي مٿي ۾ پائي، پيو هاءِ وي تي هلي...الله اڪبر...اهو هئنڊ مئڊ هيلمٽ هُن حڪومت جي سختيءَ تي پاتو هو، پنهنجي اندر جو ته ڪو لهجو ئي ڪونه هئس، جو ٻُڌي سگهي! اسين ڇا پيا ٿيندا وڃون. اها سوچ اسان کي ڇو نٿي اچي! پَرينءَ ڀَرِ پهچڻ کان پوءِ اسان جو ڪهڙو حال آهي! ڇا اسين حياتيءَ ۾ عام رواجي احتياطن، خيال رکڻ، سمجهڻ ۽ سوچڻ جي حد ٽپِي چڪا آهيون! ڇا هاڻي ڪابه عام ڳالهه اسان کي خوش نٿي ڪري سگهي! ڇا سڀ ڪجهه عجيب و غريب هجي، ڪو حادثو، ڪو سانحو هجي، پوءِ سمجهه ۾ اچي ٿو، باقي ڪُل خير ٿيو.
ڪٿي پڙهيل هڪ ڪهاڻي ياد اچي ٿي، جنهن جو تَتُ پيش ڪجي ٿو:
”شام ٿي رهي هئي ۽ درياهه جي پَرِينءَ ڀَرِ وڃڻ لاءِ ڪو رستو نه پئي مليو. ٻيڙي به ڪونه هئي، نه ڪا پُل. مداري ۽ سندس ٻالڪو، پريان نظر ايندڙ ڳوٺ ۾ وڃڻ لاءِ بيتاب هئا. سفر ڊگهو ڪيو هئائون ۽ کين ٿَڪُ به ڏاڍو هو. ڳوٺ پريان ڏسڻ ۾ پئي آيو، پر درياهه ٽپڻ جو ڪو وسيلو نه هو. نيٺ، ڪاٺ جي ٺهيل هڪ خطرناڪ پُل ملي، هُنن درياهه ٽپيو ۽ ڳوٺ اچي پهتا. شام گهري ٿي رهي هئي ۽ ڳوٺ جا ماڻهو، سندن چوڌاري گڏ ٿي رهيا هئا. عجب جهڙي ڳالهه اِها هئي، جو هُو سڀ قد جا ننڍا هئا ۽ سندن مُکَ کِلَ کان خالي هئا. سخت، تاڻيَل مُکن ساڻ، هُو مداريءَ ۽ ٻالڪي کي نهاري رهيا هئا.
مداريءَ، ويجهڙائپ حاصل ڪرڻ لاءِ چيُن، ”تماشو ڏيکارڻ آيو آهيان...هاڻي ڏسندئو يا سڀاڻي؟“ جواب ڪوبه نه هو. اکيون ۽ چهران ورنديءَ کان خالي هئا. مداريءَ کي الاءِ ڇا سُجهيو، هُن لطيفا ٻُڌائڻ شروع ڪيا، پر سندس حالت خراب ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته کيس ڪابه موٽ نه پئي ملي. ڪنهن به لطيفي تي ڪوبه نه پيو کِلي. کِلي ته ڇا مُرڪي به نه پيو ۽ هي اهڙا لطيفا هئا، جن تي ٻين ڳوٺن جا تماشائي کِلي کِلي ساڻا ٿي پوندا هئا.
مداريءَ کي جُوجڪِي اچي وئي. چيائين، ”هي تماشو سڀني کان آخر ۾ ڏيکاريندو آهيان، پر اڄ هينئر ئي ٿو ڏيکاريانوَ. مان هن ٻالڪي کي ليٽائيندس، سندس مُنڍي ڌڙ کان ڌار ڪندس ۽ پوءِ وري ڳنڍي ڇڏيندس.“
هاڻي ماڻهن ۾ چوٻول شروع ٿيو، معنيٰ ڳالهائي سگهيا پئي، هُنن هڪ ٻئي ڏي نهاريو ۽ مداريءَ پنهنجي وڏي ڪاميابي محسوس ڪندي، جنتر منتر ڪندي، ٻالڪي جي مُنڍي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي ۽ زور سان چيائين، ”هاڻي ڏسجو، هي مُنڍي ڌڙ سان ڪيئن ٿي جُڙي!“ هُن مُنڍي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، مُنڍي نه لڳي، هُن وري ڪوشش ڪئي، مُنڍي نه جُڙي، سندس هٿَ پيرَ ٺرِي ويا، وري ڪوشش ڪيائين، پر مُنڍي نه لڳي، هاڻي ماڻهن ٽهڪَ ڏيڻ شروع ڪيا.“
اسان وٽ به ڪو اهڙو ئي جهان آهي. ڦاٽڪ ٽنڊي الهيار جو هجي يا ٻي ڪنهن وستيءَ جو...اُتي اِهو منظر ائين ئي نظر اچي ٿو. پَرِينءَ ڀَرِ ويندڙن ڏانهن ڏسندي، ڪنهن جو به اکرُ نٿو اُڪلي، جي ڪير، هڪ طرف بيهي رهَي، ته کِل شروع ٿي ويندي آهي. بيحسيءَ جي جنهن حد تي پهچون پيا، اُن جي پَرِين ڀَرِ الاءِ آهي به الاءِ نه!
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع