ڊسمبر جا ڇھه سئو سيڪنڊَ

~~~~ڊسمبر جا ڇھه سئو سيڪنڊَ~~~~
---------------------------
هوائون سرد ٿي رهيون آهن، ڊسمبر پاڻ ڏي سوڙ سورڻ شروع ڪئي آهي. کيس به هاڻي آهستي آهستي آهستي سيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي. ڪئمپس جا رستا خالي ٿي رهيا آهن. جدائين جو جهومر، وقت جي نراڙ تي چمڪي رهيو آهي. جن به پنهنجي تعليمي ڪئريئر جو آخري سيمسٽر گذاريو، تن جي ٿيلهن ۾ هاڻي ڪتابن جي جاءِ تي وڇوڙو ڀرجي ويو آهي. اکين ۾ ڌنڌ وڌي ويو آهي. لڏندڙ هٿَ، پري ٿي رهيا آهن. اها ئي زندگي آهي، جيڪو شروع ٿئي ٿو تنهن کي نيٺ ختم ٿيڻو آهي. وقت جي هر گهڙي اڳتي واري گهڙيءَ کي پاڻ ساڻ ڇڪي پوئتي ڪري ڇڏي ٿي. حياتي ته ڄڻ ماضيءَ جي ڪٿا ئي آهي. هر گذرندڙ لمحو، ماضيءَ جي فريم ۾ رهجي وڃي ٿو. واري مُٺِ مان نڪري وڃي ٿي.
هتي، هن مادرِ علميءَ ۾ فقيرَ ڀريا پنجويهه سال، بليڪ ائينڊ وائيٽ بورڊن جي پاسي ۾ گذاريا آهن. ٻارڙا اکين ۾ حيرانيون ڀري پهرئين سال ايندا آهن. ٻئين سال اتي حيرانيءَ جي جاءِ ڄاڻ وٺندي آهي. اکين ۾ ئي ٽئين سال، سڀ ڪُجهه سمائبو آهي ۽ چوٿين سال، حجر جي المَ کي سانڍيندي، پنهنجي حدف کي ۽ حاصلات کي مڪمل ڪندي، رخصتيءَ جي ڪانڍ لکبي آهي. چئن سالن جي اها ڪٿا به عجيب آهي، جتي ساروپا مَٽبا آهن، اتي اندر جي ايوان ۾ گهڻا ئي محل، ماڙيون، جهوپڙيون ۽ کنڊر جُڙي ويندا آهن. انهن سڀني جو ديدار هڪڙو استاد ڪري سگهي ٿو. جي پنهنجي ٻچي جي ويجهو هُجي ته سندس اندر ۾ آباد عمارتن ۾ مزي سان گهمي سگهي ٿو.
هاڻي جڏهن اهو سفر خيرن سان پورو ٿيو آهي ته مان، اوهانجو ٽيچر، اوهانجو سر مغل، اوهان سان ڳالهائڻ ٿو گهران ۽ اها گفتگو، انهن ڏهن منٽن ۾ ٿي سگهي ٿي، جيڪي ڏهه منٽ نجا پجا اوهان پنهنجو پاڻ کي ڏيو، انهن ڏهن منٽن ۾ ڪوبه موبائيل فون، ٽئبليٽ يا اهڙي ڪا به شئي اوهان وٽ نه هُجي، صرف پنهنجو پاڻ سان، پاڻ هُجو...پاڻ سوال ڪيو ۽ پاڻ ئي جواب وٺو...۽ جيڪو جواب ملي ان کي سمجهيو...آهن ته اهي ڇهه سئو سيڪنڊَ...پر جي اهي لمحا پاڻ سان گذاريو ته الاءِ ڪيترا ايندڙ ورهيه ۽ الاءِ ڪيترا لکين ڪروڙين، سيڪنڊ سجايا ٿي پوندوَ. پڇڻو پاڻ کان رڳو اهو آهي ته انهن سالن جي ڪٿا ۾ سبق ڇا مليو؟ ڇا پرايوسين؟ سمجهه ۾ ڇا آيو!...ڇا رڳو ڪتابَ پلئه پيا يا حياتيءَ جي ڪنهن ٻئي دائري ۾ ڪو سفر به نصيب پيو! رڳو ڀري ٻڌي ڪتاب کڻي وياسين، اِشُو ڪراياسين، پڙهي، موٽائي، پنهنجا ڪتاب، اڌڙوٽ حالت ۾ پنهنجي ڪمري ۾ موٽائي کڻي آياسين ۽ بس يا وري ڪُجهه اهڙو مليو آهي جيڪو انهن سڀني کان ٿورو هٽيل آهي. انهن ڪتابن ۾ ڪونهي ۽ پنهنجي جاءِ تي آهي...ڇا اهڙو ڪُجهه ان ڳنڍ ۾، بئگ ۾، هنڌَ ۾ آهي، جيڪو ڪتابن کان سواءِ سکيو هُجي؟ جي آهي ته ڇا آهي ۽ جي ناهي ته ڇو ناهي؟
يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ، گهڻا ٻارڙا، ڊگريءَ جي حاصلات ۾ اعتبار رکندا آهن...خدانخواسته ڊگري نه ملي ته حاصلات جي جهان ۾ طوفان اچي ويندو آهي. لڳندو آهي ته سڀ ڪيو، ڪَرايو، ڌوڙ ٿي ويو. اهو ناهي سوچبو، ته ڊگريءَ کان سواءِ به ڪُجهه ٻيو آهي جيڪو پنهنجيءَ جاءِ تي اهم آهي. اتي اهو سوال اڀري ٿو ته ”سَر...جي ڊگري نه ملي ته پوءِ باقي هتي ڇا لاءِ آيا هُئاسين؟ زندگي سکڻ لاءِ ڪا يونيورسٽي ئي بچي آهي ڇا؟...“ ته اهو سوال به صحيح آهي. مُنهنجا ٻچا، زندگي ان علم جي حاصلات سان گڏ جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ سکجي ٿي ته اڳيان عملي دائرا ويڪرا ٿين ٿا. اهو اسان سڀني کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي. هاڻي جڏهن عملي دنيا ۾ گهڙو ته شيون ڌيان ۾ ضرور رکجو. ڪٿي به انٽرويو ڏيڻ وڃو، ڪنهن سان ملڻ وڃو، ڪا درخواست ڏيڻي هُجي ته ڪُجهه شين تي، مرڪزِ نگاهه يعني فوڪس رکڻ ضروري آهي...اهي عملَ بنهه سادا آهن، پر جي ڪجن ته انهن جي افاديت تمام گهڻي آهي.
(1) ڪڏهن به ناڪاميءَ تي دل نه هارجو. ڪتابي علم کان عملي حياتيءَ جو علم مختلف هوندو آهي. جيڪي پڙهي آيا آهيو، اهو هنئين سان  هنڊايل ضرور هُئڻ گهرجي پر عملي حوالي سان ماڻهن جي سلوڪ تي پريشان نه ٿجو. ماڻهو رڳو سک ڏيندڙ ناهن هوندا. گهڻو ڪري، بي عزتي، ڌڪار، انڪار، بدتميزي، لاغرضي به انهن وٽان ئي ملندي آهي. جيڪو منفي ملي، پنهنجي ڪُلهي تي ٻڌل پوتڙي/رومال ۾ ويڙهيو، ٻاهر اچي پوتڙو/رومال ڇنڊيو ۽ اڳيان سفر جاري رکو.
(2) پنهنجي لباس جو خاص خيال رکجو. اهو ڀلي مهانگو نه هُجي پر صاف ۽ سليقي دار هُجي. ڪپڙو سادو پر سٺو سبيل ۽ صاف هُجي ۽ بوٽ ڀلي چتي لڳل هُجي پر چلڪيدار هُجي...ڌوتل پوتل وجود، هر ڪنهن جي نگاههَ کي نرمائيندو آهي.
(3) گفتگوءَ ۾ تڪڙ نه ڪجو جيترو پُڇيو وڃي اوترو وراڻيو...مثال طور، ”توهانجو نالو ڇاهي؟“...
جواب: ”مُنهنجو نالو محمود الحسن مغل آهي ۽ مُنهنجي والد جو نالو نور محمد آهي.“ غلط جواب آهي...ڇاڪاڻ ته مون کان مُنهنجي والد جو نالو ڪنهن پُڇيو هو!؟ مون کان صرف مُنهنجو نالو پُڇيو ويو هو، سو بس، مون کي اهو ئي ٻُڌائڻ گهرجي. اسان مان ڪيترائي ماڻهو سوال ئي ڪونه سمجهندا آهن ته جواب ڇا ڏيندا...صحيح جواب لاءِ سوال جو صحيح سمجهڻ ضروري آهي.
(4) هر حال ۾ شڪر گذار رهجو ۽ هر گذرندڙ لمحي کي غنيمت ۽ پنهنجي تجربي ۾ واڌ سمجهجو. پيَ در پَي ناڪاميون پريشان ڪري سگهن ٿيون، پر ياد رکجي ته منزل نيٺ به منتظر آهي.
(5) جيترو ٿي سگهيوَ. پنهنجن مائٽن سان صلاح ضرور ڪجو. اوهان کي اهو سوچي کِلَ ايندي ته بس، هاڻي اَبي امان کي مُنهنجي معاملي جي ڪهڙي خبر؟...ته اها سوچ غلط آهي. جن هيترا سال، خرچ ڀري اوهان کي ان جاءِ تي پهچايو آهي، انهن کي گهٽ نه ڄاڻو...جَي هُو اوهان کي صحيح صلاح نه به ڏئي سگهن ته گهٽ ۾ ڀُلائيندا ته ڪونه...۽ نه ئي ڀُلجڻ ڏيندا.
ڪٿي هڪ حڪايت تي نگاهه پئي. لکيل هو ”گهر موٽيس پئي ته ڏٺم، هڪ ڪراڙو، گند جي دٻي مان کاڌي جون شيون ڳولي رهيو هو. مدد جو خيال آيم...ويجهو وڃي پُڇيومانس ته ”کائڻ لاءِ ڪُجهه وٺي ڏيانءِ.“ هن وراڻيو، ”جيڪا تُنهنجي مرضي.“ پاڻ ساڻ وٺي آيومانس ۽ کاڌو وٺي ڏنومانس...چيم ”تو ڪا دعا گهري هُئي...!“ وراڻيائين ”تولاءِ دُعا گهري هُئم...ته تون ملين...“ مان حيران رهجي ويس ته هڪ اجنبي ماڻهو، مُنهنجي گهُرجڻ لاءِ دعا ڇو گهرندو...! حيرانيءَ سان ڏانهنس ڏٺم ته چيائين، ”اڄ صبح ساڻ ئي رب کي عرض ڪيم...هڪ ويلو گرم ماني کاراءِ...ڪو اهڙو بندو موڪل، جيڪو بندوبست ڪري، تون آئين، اچي گرم ماني وٺي ڏنئي...ته معنيٰ تُنهنجي لاءِ دُعا گهريم نه...“ سندس جوابَ مُنهنجا ٺپَ ٺاري ڇڏيا. مون ته ڪڏهن ائين سوچيو ئي ڪونهي ته ڪو مون کي سدائين گرم ماني ملندي آهي. مان لئي سان فريش کاڌو کائيندو آهيان...ڪڏهن ائين خيال ئي نه آيو آهي ته ڪا ماني ٿڌي ملي ٿي ۽ هتي هي آهي...جنهن جي وڏي ۾ وڏي حسرت هڪ ويلو گرم ماني کائڻ آهي....!“ ان ننڍڙيءَ حڪايت کي سدائين هنئين سان هنڍائجو ٻچا...پاڻ تي ٿيل مهربانين جي سوچ ڪندؤ ته ناڪامي، نامرادين ۽ اڻ هوندَ جو خيال، اوهان وٽان غائب ٿي ويندو ۽ وري اوهان هڪ نئين جاکوڙ ۾ جڙي ويندؤ. توهان جيڪي به آهيو، جتي به آهيو، ربَ مٺڙي جل شانه جي حوالي آهيو، جيڪو ئي ڪارساز آهي. شل ڪنهن جا به دامَي، درمَي ڪرمَي، سُخنَي محتاج نه ٿيو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو. آمين.
هوائون سرد ٿي رهيون آهن، گرم ويلي لاءِ ياد جو ٽانڊو دکي چُڪو آهي. حياتيءَ جي ڊسمبر کي ٻُڌايو ته پاڻ ڏانهن سوڙ سورڻ بند ڪري، ڇاڪاڻ ته اندر جي گرمي سندس ڏڪڻي به ختم ڪري ڇڏيندي.

                                                                                                محمود مغل

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع