تعبيرن جي پريشاني

~~~~تعبيرُن جي پريشاني~~~~
وري اُهو لمحو مٿان اچي بيٺو آهي. وقت جي پرن جي شايد اضافي ”اووَر هالنِگ“ ٿي وئي آهي. تيزيءَ جو گرِيسُ شايد وڌيڪ پئجي ويو اٿن. جمعو گذري مس ٿو ته ٻيو جمعو اچي ٿو وڃي. خواب نگر جي لاءِ سوچ جا پلَ خواب ٿي وڃن ٿا. حاضريءَ لاءِ حڪم ڄڻ مٿان ٿو اچي بيهي ۽ حاضريءَ جَي شرفَ جو قدُ، بُلند کان بُلند ٿيندو ٿو رهي. هي ڪا مذاق مشڪري ته ناهي نه...پنهنجن ۾ هلڻو آ، پرايَن کي مُنهن ڏيڻو آ، تياري اهڙي ته هُجي جو ڪو گَرو گنجَو اک ته نه کڻي. ماڻهو ڀلي ڪا پري چهره نسيم نه هُجي پر ڪنهن ڪجراري سانوريءَ کان گهٽ جي موهه تي به ته راضي نه ٿجي نه...
اوهان جي ٽئليفون ڪالز هن هفتي پنهنجو پاڻ ملهايو. ايترين ڪالن جو انگ فقير کي ڪڏهن به نصيب ناهي ٿيو. گذريل ڪالمن جي حوالي سان اوهان جنهن جنهن راءِ جو اظهار ڪيو آهي اُن جي شڪر ادائگيءَ لاءِ ڪهڙا لفظ شانائتا ٿي سگهن ٿا؟ فقير ته بس دُعا ڪري سگهي ٿو. آوازن جي ڪڍ اچڻ کان بيفڪر ٿي، اڳيان سفر جاري رکي سگهي ٿو. ”خواب نگر“ هاڻي هڪ شناخت آهي. ڌڻيءَ مٺي ڪريم جي عنايتن جي ڪري، اندر جي حڪايتن جا جيڪي احوال، اوهان جي وجودن ۾ جهڙوڪر سرائيت ڪن ٿا، اهو سڀ مثالي آهي ۽ مثالي رڳو ان ڪري آهي، جو اها سڀني جي ڪهاڻي آهي. سڀني جو سچ آهي جيڪي ڪُجهه وهي واپري ٿو، سو سڀ خواب نگر آهي ۽ بس، ان کان وڌيڪ هي نيازمند ڇا عرض ڪري سگهي ٿو! انساني روَين، سلوڪَ ۽ اُتساههَ جي حوالي سان اسان جون گهڻيون ملاقاتون ٿينديون آهن ۽ ڪير آهي، جيڪو اُنهن جي افاديت کان منڪر هُجي! سچ ته اُهو آهي جو انهن رويَن جي ڪري ئي سماج جا رنگ مَٽجن ٿا. هاڻي رويَن ۾ زهر ڀريندي اسين سڀ ايئن ڇو ڪندا آهيون! هڪ ننڍڙي حياتيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڇو ٿا ڦٿڪائي ماريون؟ پنهنجن نُنهن کي ڪٽڻ اسان ڇو وساري ويهندا آهيون! ڇا اُنهن ڊگهن نُنهن ۾ لڳل اوچتا شديد ڌڪَ به اسان کي اهو ناهن سيکاريندا ته کين پنهنجي صحيح سائز ۾ رکجي! رانڀوٽا هڻندي، جي پنهنجو ننهن مُڙي ويو ته مزو اچي سگهي ٿو، ڪڏهن اها سوچ دامنگير ٿي آهي!؟ پنهنجي لاغرضائپَ، خود غرضيءَ ۽ ڪم ڪڍڻ جي چڪر ۾ اسان وٽ الاءِ ڇو ڪا حد ناهي رهي يا شايد اسين انهن معاملن ۾ حد بندين جا قائل ئي ناهيون. جيڪي ملي، بس ملندو رهي. اسان وٽ هُجي ٻيو وڃي ڇائِي پائي...مُنهنجو مطلب پورو ٿئي ٻئي سان ڇا ڪرڻو آهي، ڄڻ اسان جا ”نيَمَ“ بڻجي ويا آهن. اُنهن سان ڪنهن کي ڪهڙو ۽ ڪيترو نقصان ٿئي ٿو اُن ۾ اسان جو ڇا؟ اسان جو پنهنجو ڳَهَو ته تري ٿو وڃي نه.
هڪڙي شعوري ڪوشش خواب نگر ۾ اها به هوندي آهي ته نياپو ۽ مثال اصلي هُئڻ گهرجن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي، جو اک جيڪي ڪُجهه ڏسندي آهي، جيڪو سبق پرائبو آهي اُهو ئي عرض ڪيو ويندو آهي. ڳالهه ڌَڪ هڻندي آهي ڇاڪاڻ ته سچي هوندي آهي. ڪوڙ ڳولڻ وارا، مُنجهندا رڳو ان ڪري آهن جو سچ ٻيو ڪُجهه ڪري نه ڪري، ڪوڙي ماڻهوءَ کي ”مُونجههَ“ ضرور ڏئي ڇڏيندو آهي. بلڪل ايئن جيئن، جيڪي پريشان ڪندا آهن، اُهي پريشان ڪري خوش ٿيندا آهن ۽ جيڪي اُنهن جي پاران ڏنل پريشانين کي ڀوڳيندا آهن، سي لاڳيتو ڪشمڪش سان وڙهت ۾ هوندا آهن. پر پوءِ ٿيندو ايئن آهي ته جيڪي پريشان ٿيندا آهن، اُنهن جي پريشاني ختم ٿي ويندي آهي. جيڪي پريشاني ڪري مزو وٺندا آهن اُهي سدائين پريشان رهندا آهن. پنهنجي هڪ ٿوري فائدي لاءِ، اسين اهڙيون حرڪتون ڪندا آهيون، جن جا اثر خطرناڪ ترين ٿي سگهن ٿا، پر اسان کي اُن جي ڪابه ڳڻتي ناهي هوندي، ڇاڪاڻ ته اسين پاڻ ته اُن ”خطرناڪيءَ“ کان محفوظ هوندا آهيون.
مهراڻ يونيورسٽيءَ جي گيٽ سامهون هلندڙ هاءِ وي وڪڙ کائي ٿو. اُتي ساڄي کاٻي ورڻ لاءِ ڪٽس به ڏنل آهن. ٿورو اڳتي جاءِ خالي هُئي ته رستي روڪ لاءِ هاءِ وي وارن ڪنڪريٽ جا بلاڪ رکي ڇڏيا، جن جي سائيز شايد 5x5 فُٽ آهي ۽ ٿولهه شايد 2 فُٽ ٿيندي يا اُن کان به ٿورا مٿڀرا هوندا. ترتيب سان رکڻ ڪري، اهو گَهٽُ بند ٿي ويو جنهن ذريعي ٽرئفڪ جو وهڪرو رُڪجي يا ماڻهو ون وي ٽوڙي اجايو غلط رستي تي وڃي. ڳالهه سِڌي هُجي ته يارن کي سمجهه ۾ ڪٿي ٿي اچي! پهرين بلاڪن جي وچ ۾ فُٽ ڏيڍ جي وٿيءَ مان مهربان موٽر سائيڪلون نڪرڻ لڳيون، جن کي نڪرندو ڏسي، رڪشائن کي به شوق جاڳيو. الاءِ ڪٿان کان اهڙي طاقت آندائون جو هڪ بلاڪ ريڙهجي، پرئين روڊ تي ٻاهر کسڪي بيٺو. ايتري جاءِ ٺهي جو هڪ عظيم الشان رڪشا، لوڻان هڻي اُتان نڪري سگهي ۽ خيرن سان ون وي ٽوڙي سگهي. وٺ وٺان ٿي وئي، اسڪوٽرن ۽ رڪشائن جي ٻيگهي مچي وئي. اهو بلاڪ خطري جي ڪنهن نشانيءَ کان گهٽ نه هو...ڇاڪاڻ ته وهندڙ ٽرئفڪ ۾ روڊ تي اڳيان رکيل هو... ترتيب سان هلندڙ ٽرئفڪ کي جي پنهنجي رستي تي اطمينان سان موڙ مڙڻو هُو ته اهو هاڻي، ”اوچتي ۽ وڏي“ رڪاوٽ بڻجي ويو هو. هاءِ وي وارن کي منٿ ميڙ ڪيم، هڪڙو ٻئي کي چوي، ٻيو ٽئين کي...ڪو چوي دادوءَ وارو مُنهن ڏيندو، ڪو چوي ڄامشوري وارو...سامهون گذرندڙ هاءِ وي وارن کي پريان ڏسڻ ۾ اچي، پر هو لنوائين ته اسان جي حدَ ناهي...”بيٽِ“ ناهي نتيجو اهو ئي رهيو جو راهه جو روڙو اٽڪيل ئي رهيو. هڪ رات جو، واپس موٽندي، پنهنجي رستي تي هلندي، مون کان ڌيان هٽي ويو، حياتي مقدر ۾ هُئي ۽ اوچتو سامهون آيل اُن بلاڪ جي ٽڪر کان الاءِ ڪيئن مان انچن کان بچي ويس. بس ڪو لحضو هو...نه ته گاڏي يا ته ڪلٽي ٿئي ها...يا الاءِ ڇا ٿئي ها...هيڊ لائيٽس ۾ اوچتو سامهون آيو هو...مان اطمينان سان پنهنجي رستي تي هلي رهيو هُئس. ڄاتم به پئي ته اهو اتي هوندو، ڇاڪاڻ ته روز جو معمول آهي، جو اتان گذر ٿئي ٿو، پر بهرحال ان ڏينهن اهو سڀ پاڻ سان ٿيم ته جاکوڙ وڌائي ڇڏيم. هاءِ ويز جي عملدارن، پوليس موبائيلز اتي جي عملدارن، هر ڪنهن سان رابطو ڪيم، پر اهو پٿر شايد سليماني ٽوپي پاتل هو ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي! پر اها سليماني ٽوپي ان مهل شايد کسڪي وئي  هُئي، جو هڪ وڏي ٽرالر اُن پٿر کي چماٽ وهائي ڪڍي. گاڏي هيوي هُئي، ڌڪ ساڻ چري پري ۽ اڳيان بيٺي بهرحال، سائيڊ ۾ لڳل ٽينڪ ته ڀڳس ۽ آئل وهي ويو. دؤنس ۾ همراهن، ان بلاڪ جي اوقات سڌي ڪري ڇڏي. حادثو ٿيو ضرور، پر شڪر آهي ته ڪو جاني نقصان نه ٿيو...الاءِ ڇو اهو سڀ ڏسي خوشي ٿي جيتوڻيڪ گاڏيءَ جو نقصان ٿيو هو، پر ماڻهو ته بچيو هو...جي ننڍڙي گاڏي لڳي ها ته الاءِ ڇا ٿئي ها.
اسان وٽ هڪ حياتيءَ جي اهميت ڇو ناهي عزيزانِ من...جيڪا ٻئي جي حياتي آهي!...اسان وٽ رڳو پنهنجي حياتيءَ جي اهميت ڇو آهي! اهو محسوس ڪيو اٿوَ ته جڏهن کان اسان پاڻ لاءِ جيئڻ شروع ڪيو آهي، اسين اخلاقي طور ختم ٿيندا پيا وڃون؟ اسان زندگيءَ جو ڪارج وڃايون نه پيا! رڳو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ خوش رکڻ لاءِ، پنهنجي فائدي لاءِ اهو سڀ ڪرڻ اسان کي سونهين ٿو!؟ ڳالهه اڃان کٽي ناهي، عام ماڻهو ته عام، هاڻي هاءِ وي پوليس به ون وي ٽوڙڻ جو ”شونقڙو“ ڪري وٺي ٿي. ان ئي کانچي مان ڪيترائي ڀيرا سندن گاڏي به آرس موڙيندي وارن کي ڇنڊڪا ڏيندي نڪتي هُئي. هاڻي جي سنڀاليندڙ پاڻ کانچا هڻي ته پوءِ گلشنَ جو خدا حافظ هوندو ٻيو ڇا هوندو! خواب نگر...خوابن جي هن نگر ۾ پريشان ڪندڙ تعبيرن ڏانهن اشارو ٿو ڪري...تعبيرَ خراب نڪرن ته حياتيءَ مان مزو نڪري ويندو آهي. پر ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اسان جا تعبير ايڏا ڀوائتا ڇو هوندا آهن...اهي ان ڪري به ڀوائتا هوندا آهن، جو اسان جا خوابَ سٺا ناهن هوندا...۽ طبي نڪته نگاهه کان ائين به چوندا آهن ته خواب...اسان جي روزاني سوچ جو اولڙو هوندا آهن...معنيٰ ته اڻ سڌي طرح سان اسان جي سوچ سٺي ناهي هوندي...۽ سوچ سٺي ڪيئن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اها صرف، پاڻ  تي محدود هُجي ۽ ٻئي جي حياتي ۽ ان جي اهميت ۽ ان لاءِ سوچ، اسان جي سمجهه ۾ ئي نه اچي.
                   محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع