ڇنڻ مور نه سکيا

~~~~~~~ ڇنڻ مور نه سکيا ~~~~~~~
-----------------------------------------------
دادن رٽائر ٿي رهيو آهي. پنهنجي اداس مُک ۾، هُو انيڪ بهارون، خزائون، سيارا، اونهارا کنيو، اجايو هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيو آهي. پاڻيءَ جي مشين جي اوور فِلو تي اک رکڻ کان وٺي، ڪُونڊيُن ۾ ٻوٽن جي جوانيءَ جي بهار کي سلامت رکڻ تائين، هڪ هڪ شئي تي سندس اک رهي آهي. هُنَ هن سينٽر کي ٻارَ وانگر تاتيو آهي. دادن ڪير آهي! ”دادن سائين“ دراصل اسانجي سينٽر ۾ ملازم آهي. جنهن شعبي ۾ مان ڪم ڪندو آهيان، اتي کيس ”پٽيوالي“ جي نوڪري مليل آهي. جڏهن کان هي سينٽر، اسٽئبلش ٿيو آهي، دادن جي خدمتن جي ڀاڪرَ منجهان نڪتو ئي ناهي. سينٽر جي جيتري به ڄمارَ هيلتائين آهي، ان ۾ دادن جي پالنا به گڏ رهي آهي. آهي ته دنيا جي لحاظ کان پٽيوالو...پر اداري سان سندس چاهه، سِڪَ، قرب، خلوص، پنهنجائپ ۽ وفاداري، مثالي رهي آهي. ان عمل ۾ هُو جذباتي جهان ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڻُ اورانگهي به ويندو آهي. پر سامهون واري کي شدت سان احساس ٿيندو آهي ته اها سڄي ڪوشش ڪا سندس ”حد کان وڌڻ“ جي سعي ناهي هوندي، هُو ته بس شين کي پنهنجو سمجهندي اهو سڀ پنهنجو حق سمجهندو آهي. کيس ادارو پنهنجو ۽ صرف پنهنجو لڳندو آهي.
ڪيڏو نه اهم ۽ عجيب احساس آهي اهو خواتين و حضرات...ڪنهن پرائي شين کي پنهنجو سمجهڻ، ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ، ان جو قدر ڪرڻ، قدر جي نگاهه سان ڏسندي پنهنجو پاڻ کي بي قدر ڪرڻ...سيني ۾ سمائڻ جهڙو ڪو ٻيو ٺڪاڻو آهي! ۽ دادن جهڙا وجودَ، ان دولت سان مالا مال آهن...انهن جي حيثيت جو ڪهڙو ذڪر ڪجي! انسان ڪٿي به ساٿ جو چند گهڙين کي گذاريندو آهي ته اها گهڙي ڄڻ اندر ۾ سانڍجي ويندي آهي. هتي ته سالن جو ساٿ آهي، آفيس ايگزيڪيوٽِو ۽ عام ڪارندي جو...۽ عام ڪارندو به ڪهڙو، جنهن هڪ هڪ شئي کي سامهون ڏٺو هُجي ۽ سندس بنيادي جُڙت کان باخبر هُجي.
اسين پنهنجي حياتين ۾ مانائتا مهربانو، بيحد مصروف هوندا آهيون. پنهنجي عهدي، پنهنجي حيثيت پٽاندڙ، دل جي حضور سان خدمت به ڪندا آهيون، پر اتي هڪڙو سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته اسين جتي خدمت ڪندي، پنهنجي ٻچن لاءِ قُوتُ حاصل ڪندي حياتي گذاريون ٿا، اتي، ان جاءِ، ان جاءِ سان لاڳاپيل شين کي ڪيترو پنهنجو سمجهون ٿا...اها پنهنجائپ اسان جي جيءَ جي جڙي آهي ڪنَ نه...! ڏٺو گهڻو ڪري اهو ويو آهي ته بس وقت گذاربو آهي، جِن شين سان تعلق جڙندو آهي، انهن جو خيال ساهه ۾ سانڍيل هوندو آهي. هر شئي سان اهڙو واسطو ناهي هوندو، تنهن ڪري ان جي ڳڻتي ڪُجهه گهٽ هوندي آهي. مسافر سفر پورو ڪري اڳيان روانو ٿيندو آهي. بشرطِ حيات انهن شين کي ياد ڪري ڳرندو آهي جنهن سان روح راضي هو، جيڪي گيان ۾ ئي نه آيون ته ان جو ذڪر ڪهڙو ڪجي!
دادن جهڙن ماڻهن جو قصو مختلف آهي. هنن جو روح ته هر شئي سان ريجهيل هوندو آهي. عمارت ڳالهائي ٿي ته سامان سرگوشي ڪري ٿو...صفائي شڪايت ٿي ڪري ته بي ترتيبي مٿو پِٽَي ٿي...اهڙا انسانَ، هر ڪنهن کي  ٻُڌندا آهن، هر ڪنهن جي دردَ جو درمان ڪندا آهن...الاءِ ڇا هوندا آهن. هر شئي کي پيا ٺيڪ ڪندا، هر ڳالهه جي پيا اونَ ڪندا. معاملو ڪنهن جو به هُجي، پيا وچ ۾ ايندا، جيتوڻيڪ ڇِڙٻ، جهڻڪ ۽ ٻيون ناگوار ڪيفيتون سامهون اينديون پر پنهنجي تعلق جي ڏور کي پيا ڳنڍيندا. جڏهن اسين گڏ هوندا آهيون ته الاءِ ڪيترين شڪايتن جون ڀريون ٻڌي هلندا آهيون، هينئن ناهي هونئن ناهي...هي ٺيڪ ناهي...هُو ٺيڪ ناهي...ڪُلهن تي الائي ڪيترو بار وڌي ويندو آهي، پر پوءِ، وڇوڙي جو لمحو، مٿان اچي بيهي ته سڀ ڪُجهه ڇنڊجي، ڦوڪجي الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويندو آهي. هڪ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان، مون کي الائي ڪيتريون شڪايتون دادن کان هيون، پر هاڻي سندس رٽائرمينٽ جي آخري هفتي ۾، الاءِ ڇا ٿي ويو آهي...دل جي ايوانن ۾ الائي ڪيترا سڏَ آهن، چئي ڇڏ...اظهار ڪري ڇڏ...شڪريو ادا ئي ڪر ڀُوڪَ...وقت نه وڃاءِ...جي هِن غلطيون ڪيون هونديون ته منجهس ڪي چڱايون به ته هونديون؟ اُنهن تي ڇو نه ٿو سرهئو ٿئين؟ بالا عملدارن جي ساراهه جا ڍُڪَ هر ڪو پيو ڀريندو آهي، جيڪي شين کي پنهنجو به نه ڪندا آهن، ڪُجهه اهڙن ماڻهن جا به ته ٿورا مڃو، جيڪي پنهنجائپ ۾ حدن جا قائل نه هوندا آهن، هوندا کڻي عهدي جي قد ۾ ننڍا آهن. هر اهو مهربان وجود، جيڪو دادن وانگر مثالي آهي. محبت ۽ قدر جي لائق آهي. جنهن کي اونَ هُجي، سارَ هُجي، سنڀالڻ جو فڪر هُجي....۽ انهن سڀني جون هي فقير، تمام تر نياز منديءَ سان مهربانيون مڃي ٿو...پٽيوالا، قاصدَ، نائب قاصدَ، سُئيپرَ، ماسيون، اهي سڀ محنت ڪش جيڪي جيءَ ۾ جاءِ ڏين ٿا، تن جا ڪهڙا احسان ڳائي ڪهڙا ڳائجن.
دادن سائين! مان اوهانجو صاحب ۽ ساٿي، اوهانجو ذاتي طور تي بيحد شڪر گذار آهيان، جيڪا خدمت اوهان ڪئي، جيڪا پاٻوهه اوهان ڏني ۽ جيڪو خيال اوهان رکيو، مان ان لاءِ بس ٿورا آڇي سگهان ٿو...لاهي نه ٿو سگهان. سرڪاري ڪمَ جي اوهان کي پگهار ملندي هُئي، پر جيڪو اڻ مَيو پيار، خيال ۽ فڪر توهان اسان کي، آفيس ۽ پنهنجي پيشي کي ڏنو، تنهن جي پگهار ته ڪير به نه ٿو ڏئي سگهي. پنهنجي نوڪريءَ جو مدو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ باعزت رٽائرمينٽ تي مبارڪ قبول ڪيو...۽ پنهنجي ايندڙ زندگيءَ ۾ مالڪ جي محتاجيءَ کان سواءِ ڪنهن جا به محتاج نه رهو. آمين.
سيني ۾ هڪ ڳنڍ آهي عزيزانِ من...ساهه ۾ الاءِ ڇا ٿو هُري... وڏو صاحب رخصت ٿئي ته سڀني کي نظر ايندو آهي. ڪمَ جو وڏو وڃي ته شايد خاطر ۾ ئي ناهي ايندو...هڪ کِلَ جو سامان سامهون هوندو آهي.“ ادا ڀلا...ويَو وَيو...مٿي تي کڻونس ڇا؟“ جهڙا جملا عام ٻُڌڻ ۾ ايندا آهن...خواب نگر ۾ ان روايت کي ٽوڙيون ٿا، ڪنهن عاشق کي مٿي تي به کڻون ٿا. لان ۾ گِلَوز رکيل هُئا. ٻارن پرئڪٽس کان پوءِ رکيا هُئا. هڪ جوڙيءَ ۾ هڪ هٿ ڦاٽل هو...مون ڪڍرائي، اڇلارايو...ٻئي ڏينهن ڏسان ته وري پيو آهي. پُڇيم ڪنهن رکيو آ...دادن چيو، ”مون رکيو آ سائين، پئسن جا آهن...سبجي ويندا، اڃان هلي ويندا...سينٽر جي شئي آ، ائين ڇو وڃي؟“  هُئي ته عام ڳالهه، پر سيني ۾ ناوَڪ لڳي هُئي. ڪُجهه سَوَن جو سامان هو، سامان جي سانڍَ اڻ لڀ هُئي. کيس دل هُئي نه، تڏهن ائين ڪيائين نه ته ضرورت ڪهڙي هُئي، اڇلائي سين، اڇلائي سين. واپس آڻڻ جو ضرور ڪهڙو هو؟ هيو هڪڙو ننڍو مثال، پر جيءُ جهوري ويو.
هڪ وڏو ماڻهو، ننڍڙي پوسٽ تان رٽائر ٿي رهيو آهي، هن پنهنجي ڪم جو قدر ڪيو ۽ وڏو بڻيو ۽ پويان ايندڙن لاءِ به هڪڙو نمونو ڇڏي ويندو ته شين کي ڪهڙي رُخ ۾ سفر ڪرڻ گهرجي. اهو سفر اسان وٽ اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي، جيڪو دادن سائينءَ جهڙن ماڻهن وٽ آهي. دادن ڀلي رٽائر ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهو دنيا جو دستور آهي پر ”شين کي پنهنجو ڪرڻ“، ”پنهنجو سمجهڻ“ ۽ ”انهن جي اونَ ڪرڻ“ وارو شل اسان وٽان رٽائر نه ٿئي، شل هن وانگر، سڀني کي ڳنڍڻ جي هُنر جي خبر هُجي.

                                                                                                            محمود مغل

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع