تعظيم جي خوشبو

تعظيم جي خوشبو
بي فڪري نموني، وارن جي چڳَ نرڙ تان پري ڪندي چيائين، ”ماڻهن جون جُتيون سڌِيون ڪندو آهيان سائين...“ جملو اتي ئي ڇڏي، چانهن جو وڏو سُڙڪاٽ ڪيائين، لڳم، ڪوپ کي به ڄڻ هن جي پيئڻ جي انداز تي پيار اچي رهيو هو. مون ڳالهه چڱيءَ طرح نه سمجهي هُئي. چانهن وڏي شهري اسٽائيل سان ”سِپ“ پئي ڪيم. سندس سڙڪاٽ ۽ چانهن جا نخرا هليا پئي. پيئڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائي پيو ته سندس وارن وري ادائون پئي ڏيکاريون. ڏانهنس نهاريم، مُنهنجي ناسمجهيءَ کي سمجهه اچي وئي. ڪوپ مان آخري وڏو ڍُڪ ڀريندي چيائين، ”جِتي به ڪنهن جي جُتي اونڌي ڏسندو آهيان نه سائين، ته وڌِي سڌِي ڪري ڇڏيندو آهيان. جُتيءَ جو پير، ڦڏو ۽ ابتو هُئڻ نه گهرجي....نصيب تي وارُ ٿئي ٿو.“
مُنهنجي مُک تي مُرڪَ شايد کيس پسند نه آئي. ”ڀلي توهان کِلو...پر جتي موبائيل جو مئسيج هوائن ۾ ڏسڻ ۾ ناهي ايندو، ائين ئي هي مامرو به ڪُجهه اهڙو ئي ٿوَ. هونئن هر هنڌ ائين ناهي هوندو، مسجد ۾ جُتِي سڌِي ڪري لڳائبي آهي ته جيئن نمازي، آرام سان واپسيءَ ۾ پهَرينِ.“ عجيب ماڻهو هو...هڪ ڍاٻي تي ٽڪريا هُئاسين. گاڏي گرم ٿي هُئي ته هڪ وڻ هيٺان بيهاري، ڍاٻي جي چانهه جو مزو پئي ورتم...ڊرائيور صاحب پريان ليٽي پيو هو...وڻن هيٺان کٽن تي ليٽڻ جو مزو ئي ٻيو هوندو آهي، ٻپهري اڀري رهي هُئي. گاڏيءَ کي هن مهل تپڻَ جو ڪو جواز نه هو. پاڻي به پورو هو..ريڊي ايٽر به ٺيڪ هو....بس گرم ٿي ته بانٽ کولي، بيهڻو پيو. سڀ ڪُجهه اجايو لڳو پئي جو هُو پريان کٽ تي اچي ويٺو ۽ ڄڻ شيون سجايون ٿيڻ شروع ٿي ويون. پريشاني اها ٿي هُئي جو هن کٽ تي ويهڻ کان پهرين، مُنهنجي کٽ وٽان لنگهندي، مُنهنجي جُتي سڌي ڪري رکي هُئي. مان ليٽيل هُئس، محسوس ٿيُم، ڪو کٽ جي ساڄي پاسي کان ويجهو ٿئي پيو ۽ جُهڪَي پيو. پلڪ کن ۾، هن جُتِي سڌي ڪري رکي ته حيرانيُن وڪوڙي ورتو. هڪ وڏي مُرڪ آڇيندي، هُو پريان کٽ تي وڃي ويٺو هو...مان الاءِ ڪيتريون گهڙيون گونگو هوس. هڪ اجنبي، هٿَ سان جُتي سڌي ڪري، وڃي پريان ويٺو هو. ڪشادي مُرڪَ ڪشادگي خريد ڪندي آهي. اسان ٻنهين بي ربط ڳالهائڻ شروع ڪيو هو. مُنهنجي ”مهرباني“ چوڻ تي سندس مُرڪ ڄڻ ”مينشن ناٽ“ چيو هُجي...ڳالهيون وڌيون ۽ کانئس ڪرت پڇيم ته اها ٻُڌائي هُئائين ته ماڻهن جون جُتيون سڌيون ڪندو آهيان. ”اصل ۾ نفس جي ڪهاڻي آ سائين...نفس مارڻ جو قصو آ...ڏاڍو ڏُکيو ڪم آهي، جُتِي سڌي ڪرڻ...ڏسڻ ۾ ته رڳو اها اونڌي مان ڦيرائي سڌي ڪرڻي آهي، پر ان هڪ گهڙيءَ لاءِ روح ناهي ڪڍندو...ڪيئن پرائي جُتيءَ ۾ هٿ وجهجي جيڪا کڻي ڪيڏي به صاف ڇو نه هُجي...هوندي ته پير جي زينت آهي. ترو ته خراب هوندو ئي اٿس...ڪي ڪي جُتيون ته بدبودار به هونديون آهن، سائين...۽ اصل مزو ته انهن کي سڌو ڪرڻ ۾ آهي...پارائڻ ۾ آهي...“
مون کي سچ پچ به ڪُجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. دنيا ۾ هر پيشو سمجهه ۾ اچي ٿو. شايد ڪُجهه جي خبر به هُجي، پر هي ڪهڙو هنر هو...جُتيون سڌيون ڪرڻ به ڪو ڪم آهي! بيوقوفن وانگر پڇي ورتم، ”ڪمايو ڪٿان؟“ هن پير لڙڪائي، پنهنجي جُتي پئَي پاتي...کلندي چيائين، ”سڀني کي ڪمائي ڪٿان ملندي آهي صاحب..!؟ بس...سمجهه فقير آهيان، گداگر آهيان...هُن وٽان پني کائيندو آهيان، هُو ته ڏيڻ روڪيندو ئي ناهي....بس پيو چرخو هلندو آهي...“ مان به کٽ تي اٿي ويٺو هوس...ڏٺم ته ٽَپُ ڏئي کٽ تان هيٺ لٿو...الاءِ ڇو دل ۾ آيم، هڪ وڏو ڀاڪر پايانس...پر نه پائي سگهيو مانس...هُو وڌي آيو، هٿ ملايائين...مُنهنجي اندر ۾ شايد اڃان تائين اها ڦيڏَ هُئي ته هُو ڪهڙو ”پيشه ور“ آهي ۽ مان ڪهڙو...هٿ ملائي، هُو روانو ٿي ويو...مان آهلجي پيس. هڪ جهٽڪي سان، الاءِ ڪهڙو جهان کُلي ويو.
ادا گل محمد مُنهنجو ٽيون نمبر ڀاءُ هو. فقير تن، صفا سادو. شُگر جي مرض ۾ مبتلا هو. سو فاسٽنگ ۽ رينڊم ٽيسٽون ڏيڻ ڪرائڻ لاءِ آغا خان ليبارٽري ويندا هُئاسين. شُگر جي گهڻائي هُئي، ادي کي ڪڏهن ڪڏهن اهو احساس به نه ٿيندو هو ته ڪو پير ۾ جُتي آهي به يا نه...هڪ ڏينهن صبح جو، ليبارٽريءَ ۾ سئمپل ڏئي، جيئن در مان نڪتاسين ته ڏاڪڻ وٽ اچي، مون کي لڳو ته ادَي کي هڪ پير ۾ جُتي نه هُئي ۽ کيس اها خبر به نه هُئي. مون کيس اهو احساس ڏيارڻ نه پئي گهريو. هڪ سيڪنڊ لاءِ کيس بيهاري، اندر ويم ۽ جُتي لڪائي کڻي آيس، ته جيئن ڏسَي نه...هُو ڀِتِ کي ٽيڪ لڳايو بيٺو هو. نموني سان هيٺ جُهڪيس، جُتي رکيم، جيڪا هن ڄڻ ته نه ڏٺي. وري هلڻ شروع ڪيائين ته معاملو ته ساڳيو هو. هڪ پير ۾ جُتي هُئي، هڪ پير خالي...۽ مون وارو آندل جُتيءَ جو پير اتي ڏاڪي تي ئي هُو...ته هڪدم مون کيس روڪيو ۽ جُتيءَ جو پير کڻي سندس پير ۾ پارايم ته ڄڻ ته ڪو واچوڙو اچي ويو هُجي. هن مُنهنجي هٿن ڏانهن نهاريو هو. پنهنجي پيرن ڏانهن ڏٺائين ۽ ڀَڄِي پيو.
”الله“ چئي ڄڻ اتي ئي ڏاڪي تي ويهي رهيو ۽ ڍَڪرون ڏئي روئڻ لڳو. صبح هو، روڊ ڀريل هو ۽ هڪ وڏي عمر وارو شخص ڏاڪڻ تي روئي رهيو هو، ڀاڪر ۾ ڀريومانس. ادا...ادا...ادا...ڏاڍو مشڪل پاڻ سنڀاليائين. گاڏيءَ ۾ ويٺو ته چيائين، ”35 سال اڳ، مون پنهنجي پيءُ کي جُتي پارائي هُئي ۽ مُنهنجي حسرت هُئي ته مون کي به ڪڏهن ڪير پارائي...اڄ تو پارائي آهي ته اهو خواب ڄڻ پورو ٿيو آ...تون ڏسجانءِ محمودَ...توکي ڪير ڪير ٿو جُتي پير ۾ وجهي...اها هڪ فقيرَ جي دعا ٿئي...تون چڙهي وئين ابا...درجو ماڻي ورتئي، ڀاڪر ته پاءِ...“
درجو هت نظر آيو هُئم...ان کان ڪو، سورنهن سالَ پوءِ...پر پنهنجي ڪَج فهميءَ جي ڪري وڃائي ويٺس. الاءِ ڇو هن کي سيني سان لائي نه سگهيس...اٿيس....پر هُو هئو ئي ڪونه. خالي ٽرڪن جا وڏا وڏا ٽائر هُئا. الاءِ ڇو، مُنهنجي ذهنَ تان ادَي جي ڳالهه هٽي وئي هُئي. سامت ۾ آيو هو ته چيو هُئائين ”ڪنهن جي به جُتي کڻڻ، هڪ سعادت هوندي ٿئي بابا...سعادت مندَ ئي اهو کَٽِيَو کائيندا آهن. الاءِ ڪيترا ماڻهو، ائين ڪندا به آهن پر منحوست جي خيال کان ۽ مٿان وري، پنهنجي پير سان ريڙهي...ريڙهي پيا سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر هٿُ نه وجهندا. هٿ وجهڻ تائين جي معرفتَ کين نصيب ناهي ٿيندي. ان کان وڏي درجي وارا وري کڻي پارائيندا آهن...اهڙا ڪٿي ملن ته سيني سان لائجن جو انهن جو سينو خوشبودار هوندو آهي...جُتيءَ جي بوءِ، سندن سيني ۾ سرهاڻ ڀريندي آهي. ائين به ٿيندو آهي ته جو اندر جي لالچ، سامهون واري جي جتي کڻائيندي آهي پر اصل ڳالهه اها آهي ته انهن سينن ۾ پوءِ خوشبوءِ سمائجي نه سگهندي آهي“
الاءِ ڇو اهو سڀ وسري ويو. الاءِ ڇو، اهو ڀاڪر رهجي ويو. الاءِ ڇو مان ان گهڙيءَ هٿين خالي رهجي ويس، جنهن مهلَ مُنهنجن هٿن کي ڀرجڻ گهرجي ها. حڪايتِ دل عرض ڪئي اٿم...ڳالهه عجب جهڙي آهي پر آهي ته سهي نه...ٿورو سوچجي ته سهي، ڪيٽيگريءَ ڪهڙيءَ ۾ آهيون، جُتي پير سان سڌي ڪندڙ، هٿَ سان سڌي ڪندڙ يا پارائيندڙ...سيني کي سونگهي ته ڏسو...تعظيم جي خوشبو ڪيتري ڀريل آهي!
محمود مغل                                                       



0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع