ڊال هائوس

~~~ڊال هائوس~~~
سياري جي سوداءَ ۾، اندر جي گرميءَ جو خيال ڪَرَ کڻندو رهي ٿو. سيءُ جيترو گهڻو آهي، اندر جي احساس کي اوتري ئي شدت محسوس ٿئي ٿي. هن موسم ۾ گرم بستري جو احساس ڪيڏو نه عجب ڪرم آهي. جن وٽ ناهي، تن کي خبر هوندي نه...تيز گُهوگهٽ ڪندڙ هوا ۾، اندر جي آواز جي رفتار به تيز ٿي لڳي. ”خواب نگر“ جي اڄوڪي نشست ۾ وري هڪڙو قصو ڪَنايو. ڪَنايو ان ڪري جو دل پڙهندي ناهي، دل ته اکين جو پڙهيل ٻُڌندي آهي. واٽس ائپ تي محمد صالح ٻٻر صاحب شيئر ڪيو ۽ فقير کي ترجمي جي سعادت نصيب ٿئي پئي: ”منهنجو رانديڪن جو دُڪان آهي، انارڪلي بازار ۾. مون وٽ ڏيهي پرڏيهي هر قسم جو رانديڪو آهي. مان گراهڪ جي کيسي ۽ ظاهري حالت مان ئي پروڙي وٺندو آهيان ته سندس ”قوتِ خريد“ ڪيتري آهي. ڪيتري مُلهه جي آڇ ڪندو. مون وٽ سئو رُپئي کان وٺي هزارين رُپين جي مُلهه جا به رانديڪا آهن. ڪافي ڏينهن کان مان اها ڳالهه لاڳيتي محسوس ڪري رهيو هئس، ته ڪير آهي، جيڪو لاڳيتو منهنجي دُڪان تي اک رکيو ويٺو آهي. مون کي شڪ ٿيو ته ڪو چور ته ناهي، جيڪو منهنجي دُڪان جي چوري ڪرڻ جي رٿابندي ڪندو هجي! آخر هڪڙي ڏينهن، مون کيس وڃي پڪڙيو. اڙي! هي ڇا!؟ هي ته ڪا نياڻي هئي، ڇهن ستن سالن جي، هلڪي گلابي ۽ نيري رنگ جي ڦاٽل فراڪ ۽ پاجامي مان اها ڄاڻ پئي ته ڪا فقيرياڻي آهي. مون کانئس دڙڪو ڏيندي پڇيو، ”اوءِ! تون منهنجي دُڪان ۾ ڪڏهن گهڙينءَ؟“
سندس رنگُ اُڏامي ويو. ويچاري ڏڪِي رهي هئي، پر مون کي ڪو قياس نه آيو. هي سڀ فقير ڄاڻي واڻي، پنهنجن ٻارن کي اهڙي حال ۾ رکندا آهن ته جيئن ماڻهو قياس ڪن ۽ کين وڌيڪ خيرات ڏين. ”دُڪان مان ڪجهه کنيو ته ڪونه ٿئي؟“ هُن انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀريل هئا. ”جي وري هتي ڏٺومانءِ ته ڏاڍو ماريندوسانءِ ۽ پوليس جي حوالي ڪندوسانءِ...هاڻي نِڪُر هتان...ڀڄُ.“ دُڪان ۾ موجود گراهڪن جي ڪري مون کيس ڌڪو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ هُوءَ معصوم ٻارڙي ڊوڙندي منهنجي دُڪان کان ٻاهر نڪري وئي. ”چورَ هوندا آهن اِهي، دُڪانن ۾ گهڙي، معصوميت سان سڄو حالُ ڪڍندا آهن، پوءِ سندن وڏا اچي دُڪانَ ڦُريندا آهن.“ منهنجي دُڪان ۾ بيٺل بيگمات، منهنجي ها ۾ ها ملائي. ٻئي ڏينهن وري جڏهن مون دُڪان کوليو ته هُوءَ دُڪان جي ٻاهر بيٺي هئي ۽ شوڪيس ۾ لڳل رانديڪا ڏسي رهي هئي.
”تون وري اچي وئينءَ؟“
”سائين، سائين...“مون کيس اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو. ”اَي کِڊونا، ڪِني دا اَي؟...“ (هي رانديڪو ڪيتري جو آهي؟) هُن پنجابيءَ ۾ پڇيو.
مون کيس ورندي نه ڏني، هُن وري چيو، ”صاحب...“
”تون هِتان وڃين ٿي يا نه!“ مون کيس ٻانهن کان جهلي پوئتي ڌِڪيو. ”ميرا هٿَ نه لائجانءِ شِيشَي کي.“ زور سان جهٽڪو لڳڻ جي ڪري هُوءَ ڪرِي پئي. ڪمزور ته اڳي ئي هئي. ”او والا کِڊونا، ڪني دا اَي؟“ هِن ڀيري هُن پريان کان ئي اشارو ڪيو. مون کيس ڀڄائڻ لاءِ رانديڪي جي ٽِيڻي رقم ٻُڌائي، ”وِي هزار رُپَي دا.“ (ويهه هزار رُپين جو.)
اِها انساني فطرت آهي ته غريب کي سندس غربت جو احساس ڏيارڻ لاءِ ۽ پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ اسان امير ماڻهو، گهڻو ڪري پنهنجي گهٽ قيمت وارين شين جي قيمت به وڌيڪ ٻُڌائيندا آهيون. هُوءَ ”ڊال هائوس“ بابت پڇي رهي هئي. گڏين جي گهر جي قيمت ٻُڌي کيس سمجهه ۾ ئي نه آيو ته ويهه هزار ڪيترا هوندا آهن. بس پريان بيٺي رهي.
مان دُڪان ۾ هليو ويس، پر هر هر کيس ڏسڻ لاءِ ٻاهر به آيس پئي، پئسا ٻُڌي هُوءَ وڃي چڪي هئي. ٻه ٽي ڏينهن ته ڏاڍو آرام سان ڪَٽيا. هُوءَ ڏسڻ ۾ ئي نه آئي يا وري مون ڪو ڌيان نه ڏنو. جو اوچتو منهنجي نوڪر مون کي ٻُڌايو ته مان جڏهن ٻنپهرن جو ٿوري دير لاءِ آرام ڪرڻ گهر ويندو آهيان ته ڪا ٻارڙي آهي، جيڪا شوڪيس جي ٻاهر ويهي، خيالن ئي خيالن ۾ ’ڊال هائوس‘ سان کيڏندي آهي ۽ مون کي ايندو ڏسي ڀڄي ويندي آهي. ”اڇا...“ ٻئي ڏينهن مان گهر وڃڻ جي بدران سامهون واري دُڪان ۾ وڃي ويهي رهيس.
هُوءَ مقرر وقت تي آئي ۽ شوڪيس جي اڳيان ويهي، پهرين ته هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، پوءِ وري اشارن سان ڪڏهن ڊال هائوس ۾ موجود شين جي جاءِ مَٽائي پئي، گڏيءَ کي مٿان کان هيٺ پئي رکي، فرنيچر مَٽائي پئي ۽ اهڙي طرح کيڏندي کيڏندي کيس منهنجي اچڻ جو احساس ٿيو ۽ هُوءَ ڀڄي وئي. وقت گذرندو ويو. هُوءَ هاڻي به ايندي هئي ۽ کيڏي هلي ويندي هئي. مون کي اها راند سُٺي لڳڻ لڳي هئي. ڪڏهن دل چوندي هئي ته کيس اهو رانديڪو ڏيئي ڇڏيان پر پوءِ وري مان ان راند کان محروم ٿي وڃان هان، يا وري مون ۾ ايتري اخلاقي جرئت نه هئي، جو مان ايترو مهانگو رانديڪو هڪ فقيرياڻيءَ کي ڏيئي ڇڏيان. مون سندس رانديڪو نه وڪيو. ڪيترن ئي گراهڪن ان رانديڪي لاءِ منهنجي مَن پسند قيمت ڏيڻ جي آڇ به ڪئي پر الاءِ ڇو منهنجي دل نه مڃي. هر واري منهنجي سامهون سندس ميرڙو مُنهن اچي ويندو هو ۽ مان گهرندي به ڊال هائوس وڪڻي نه سگهيس. هُن اچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. سال به ته ڪيترا گذري ويا آهن. منهنجي پُٽ، ڊال هائوس کي شوڪيس مان هَٽائڻ لاءِ چيو، ته مون کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو. ٿي سگهي ٿو هُوءَ اچي...پر هاڻي ته هُوءَ وڏي ٿي وئي هوندي.
ندامت جي احساس جيئڻ نه ڏنو...ڪاش مان اهو ڊال هائوس کيس ڏيئي ڇڏيان ها. کيس ڳولڻ لاءِ ڪچي وستيءَ به ويو هئس. اتي ته سڀني جي شڪل هڪ جهڙي هوندي آهي. اهي ئي ميرا مُنهن ۽ ڦاٽل ڪپڙا...پر پوءِ هڪ ڏينهن هُوءَ اچي وئي.
منهنجي دُڪان ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري داخل ٿي. سندس رنگ ڍنگ مان لڳو پئي ته سندس تعلق ’هُن بازار‘ سان آهي، جنهن کي اسين شريف ماڻهو سٺو ناهيون سمجهندا. گڏ سندس نوڪر به هو. ”هي گڏين جو گهر وٺڻو آهي مون کي...“ هُن چيو، ”ويهه هزار گڏ ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳو آ مون کي، پر شڪر آهي تو انهي کي وڪيو ناهي.“ هڪ ڏکاري مُرڪ ساڻ هُن اهي جملا اُچاريا. ڊال هائوس وڪجي چڪو هو ۽ قيمت هئي سڄي حياتيءَ لاءِ مون وٽ ندامت جو احساس.“
ائين ڇو ٿيندو آهي...هلندڙ لمحي ۾ اسين سدا هلڻ لاءِ فيصلا ڇو ڪونه ڪندا آهيون. اسان جي اندر ۾ انهن ڊال هائوسز ۽ انهن جيئرين جاڳندڙ گُڏين جو احساس وقت سِر ڇو ڪونه ايندو آهي؟ سياري جي سوداءَ ۾ اندر جي گرميءَ جو خيال ڪَرَ کڻندو رهي ٿو.

                                                          محمود مغل

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع