هير آباد جي هير

هير آباد جي هير
دادِي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ جهانُ ڇڏيو. علم و ادب جو هڪ استعارو، موسيقي، سِکيا، جاڳرتا، ماڻهپي ۽ سوچ جو هڪ چوکو رنگُ، اجل جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو. دادي وڃي چڪي آهي. هڪ طويل ساٿُ رهيو داديءَ سان. ڊسمبر 1993ع ۾ ڪيل سندن ٽيليوزن انٽرويوءَ کان جو سلسلو شروع ٿيو، ته ڄڻ فقير گهرڀاتي بڻجي ويو ۽ 24 سال اها نسبت قائم رهي. جيتوڻيڪ ميل ملاقات جو جهانُ ڪو گهڻو آباد نه رهيو، پر بهرحال اهو ڏَڍُ ته ”دادي آهي“، هن پاڙي ۾ سندس خوشبو وسي ٿي، جِيءَ ۾ جايون جوڙيندڙ هو. هيرآباد، هيرآباد لڳندي هئي. دادي جو اتي رهندي هئي. اُن هيرآباد سان سندس جِيءُ جَڙيل هو. داديءَ سڄي عمر اُتي ڏني ۽ آخري پساهه به اتي پورا ڪيائين. کيس پنهنجي وچن کي نڀائڻ جو ڏانءُ هو. 20 ڊسمبر 1916ع تي حيدرآباد شهر ۾ چيف اڪائونٽنٽ هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر هڪ نياڻيءَ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو لِيلاوتي رکيو ويو. تعليمي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن نياڻيءَ بنهه ننڍپڻ کان ڪتابي علمَ ۽ علمِ موسيقيءَ سان ساهه سانڍيو. 8 سالن جي عمر کان هن هارمونيم وڄائڻ شروع ڪيو ۽ باقاعده راڳ جي سکيا به حاصل ڪيائين. سندس گهر ۾ خوش گُلُو فردن جو انگُ وڌيڪ هيو. هُوءَ پاڻ به ڳائيندي هئي ۽ ٻين سان موسيقيءَ جي حوالي سان شراڪت به ڄڻ سندس اندر جو حصو هو. 1940ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سُتت ئي کيس پنهنجي حياتيءَ جي پهرين سرڪاري نوڪري ملي هئي ۽ هُن ”ميوزڪ ٽيچر“ جي حيثيت سان پنهنجي عملي حياتيءَ جو آغاز ڪيو.
”منهنجو آواز ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو سٺو هو.“ ڊسمبر 1993ع ۾، پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرام ’اڄ جو مهمان‘ ۾ هن فقير کي انٽرويو ڏيندي هُن ٻُڌايو هو، ”پر پوءِ مون کي سُتت ئي لڳو ته ماڻهو ڳائڻ کي سُٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڳائڻو يا ڳائڻي ٿا سڏين. مون کي ٿيڻو هو استاد...هاڻي چوڻ ته اها ڳائڻي استاد آهي...سو اها ڳالهه مون کي نه وڻي، پر پوءِ مون ڳائڻ وري به ڪونه ڇڏيو. نجي محفلن ۾ ڳائيندي هئس. جنهن زماني ۾ بِي ٽِي ڪندي هئس، تنهن زماني ۾، ريڊيو تي منهنجا مهيني ۾ 4 پروگرام هوندا هئا ۽ تنهن کان سواءِ ”هِز ماسٽرس وائيس ڪمپنيءَ“ منهنجا چار لانگ پلي رڪارڊز به ٺاهيا هئا.“ اسڪرين تي سندس مُشڪ ۽ نيڻن جي جرڪَ موهيندڙ آهي. مان انٽرويوءَ کي ٽرانسڪرائب ڪندي، سندس وجود جي مهڪ محسوس ڪيان ٿو. ”مون اسڪولن ۾ ته انگلش ۽ مئٿاميٽڪس تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ نياڻين ۾ انهن سبجيڪٽن کي سمجهڻ جي ڏاڍي ڪمزوري هئي ۽ انسپيڪٽريس آف اسڪولس جي حيثيت سان سڄيءَ سنڌ جا دورا ڪيم ۽ انهن سبجيڪٽن تي زور ڏنم. مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس، اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر به رهيس. مٿان وري مون تعليمِ بالغان تي به وڏو زور رکيو.“
ڀيروي، مالڪوس، آساوري ۽ ڀيم پلاسي پسند ڪندڙ دادي، اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ دعا ۽ تراني ڳائڻ ۾ هارمونيم پاڻ وڄائيندي هئي. هُوءَ ڪهاڻيڪاره، شاعره، نثر نگار ۽ اعليٰ درجي جي منتظم هئي. کيس عورتن بابت بيحد ڳڻتي هوندي هئي ۽ اهڙو اظهار، سندس سِٽُن ۾ به واضح نظر اچي ٿو.
اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري
تنهنجي رَڌَپچاءَ ۾ رَسُ آ، تنهنجي ڏوئيءَ ۾ ڪيڏو نه ڏسُ آ
تنهنجي چانوَرَ جي چِلڙَي ۾ چَسُ آ، تنهنجي پَلَي ۽ آنِيءَ جي آس آ
تنهنجي جَوئر جي ڍوڍَي ۾ جَسُ آ، تنهن هوندي به مُنهن ڇو لٿل آ
تنهنجي سَيبَي ۽ ٽوپَي ۾ سونهَن آ، تنهنجي ڀرتَ ۽ گجَ ۾ ڪشِش آ
تنهنجي سڳيُن ۽ سُوسيُن ۾ سهاڳُ آ، تنهنجي اجرڪَ ۽ ٽوپيءَ ۾ شان آ
اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري
دادي لِيلان، پنهنجي زماني جي هڪ سخت منتظم ليکي ويندي هئي. اهو زمانو هو جڏهن تعليم جي ميدان ۾ دادي لِيلان، آپا شمس عباسي، محترمه حميده حيدر جهڙين خواتين جا نالا، سروس بورڊس تي چمڪندا هئا ۽ ملاقاتين جو جهڙو ساهُه سُڪي ويندو هو. ”هئس سخت...بلڪل هئس“ هُوءَ مرڪي ٿي، ”ٿيڻو پوي ٿو دادا...نياڻين جو معاملو آ...ڳوٺن ۾ آرڊر ڏيڻ کان پهرين، ڇوڪريءَ جي ماءُ کان پڇندي هئس، ته تون ويندينئس گڏ؟...اتي رهندينءَ؟ پوءِ ان کان پڪ ڪري ٻنهي کي گڏ موڪليندي هئس. ڪانٽيجنسيءَ مان اهڙو ڪو انتظام ڪندي هئس، جو تقريبن هڪ پٽيواليءَ جيترو پگهار ارينج ٿي سگهي. ان جو بندوبست ماءُ لاءِ ڪندي هئس، پر ٻُڌائيندي نه هئس. متان هُوءَ پاڻ کي انفيرئر سمجهي ته ڌيءَ ماسترياڻي، مان پٽيوالي...پر اک سڀني تي ڪَرڙِي رکندي هئس.“ دادِي، 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رهي ۽ اتي به سندس آواز سدائين جيان بلند رهيو. ”مون جيڪِي به مدد ڪئي، جيڪا به نوڪري ڏنم، اهو حال سارُو ڪيم. جنهن جو حال اڀرو رهيو، مون ان جو هٿُ ڪڏهن نه ڇڏيو.“
”توهان جي خيال ۾ دادِي اسان جي تعليم ترقي ڪئي آهي يا تنزل جو شڪار آهي؟“ منهنجي سوال تي، هيل تائين ڪڙڪي سان ڳالهائيندڙ دادِيءَ جو ڪنڌ جُهڪي ٿو، سندس چهري تي عجيب لڄ اچي ٿي. شرمساري واضح طور پڙهي سگهجي ٿي. هُوءَ جهيڻي آواز ۾ وراڻي ٿي، ”دادا...ترقي نه ڪئي آ...“ تعليم کي پنهنجي حياتيءَ جي اڌ صدي ارپيندڙ مهربان وجود تقريبن 24 سال اڳ به اها ورندي ڏئي ٿو ۽ شايد اها ئي سوچ هئي، جو انٽرويوءَ جي پڄاڻيءَ ۾ پيغام ڏيندي هُن چيو هو، ”مالڪ شل مهربان ٿئي...بس سڀ پاڻ سان سچا ٿين...بس، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم سان سچا ٿين.“ سندس لهجي جي اُڪير، دعا جي طلب ۽ ايندڙ وقت ۾ آسرو صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خميس 14 سيپٽمبر 2017ع تي حيدرآباد شهر سان بيپناهه محبت ڪندڙ دادي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ کي هتي ئي اگني سنسڪار جو موقعو مليو. هن سڄي عمر هن شهر سان والهانه محبت ڪئي هئي ۽ جنهن گهر ۾ پرڻجي آئي هئي، اُتان ئي سدائين لاءِ رخصت ٿي.
دادِي، اهو ڊاڪٽر چاند هجي...اوهان جو رَتَ ڄائو يا ڀاڀي ڪُسم، اوهان جي نُنهن...اوهان جا پوٽا پوٽيون هجن يا اسين سڀ...اوهان جي محبت، عنايت، سِڪَ ۽ اُڪيرَ ۽ اسان سڀني لاءِ علم، حلم، سٺي حياتي گذارڻ ۽ سٺي ڪردار لاءِ سوچڻ تي اوهان جا ٿورا ادا ڪيون ٿا. ذاتي حوالي سان هڪ ڀيرو ڪچهري ڪندي هُن چيو هو، ”هيرآباد ۾ منهنجو رڳو بُت ناهي، ساهُه به آهي. اهي رڳو لفظَ ناهن ڇوڪرا، منهنجي اندر ۾ هيرآباد جي هِيرَ هُري ٿي. مان نه هونديَس ته اها پئي منهنجيون پُڇائون ڪندي.“ هاڻي جڏهن هُوءَ پنهنجي سفر تي رواني ٿي وئي آهي ته هيرآباد جي هيرَ، ڪنهن کان به ڪجهه پُڇڻ نٿي چاهي. کيس خبر آهي ته جوابَ قدردانن وٽان ئي ملندا آهن ۽ دادِي لِيلان جهڙو قدردان هرڪو ناهي هوندو.
mehmoodmughal@hotmail.com

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع