اندر جي پڪَ

اندر جي پڪَ
هجري سال 1439 به خير سان اچي ويو. وقت جون بريڪون ڪڏهن به ٺهڻيون ناهن. ائين به چئي سگهجي ٿو ته هيءَ اها سواري آهي جنهن ۾ پروردگار بريڪ رکي ئي ناهي. رفتار بابت ڪجهه چئي ڪو نه ٿو سگهجي. من ملول هجي ته وقت جو ڪانٽو اٽڪي پوندو آهي ۽ جيڪڏهن خوشيءَ جا لمحا ڪنڌ تي سوار هجن ته لڳندو آهي ته ڄڻ وقت کي به پَر لڳي ويا آهن. وقت اسان جي اندر سان تعلق رکي ٿو، اندر جي موسم سان تعلق رکي ٿو. جيءَ ۾ بهار جڙيل هجي ته وقت به سهڻو لڳندو آهي ۽ جيڪڏهن اندر ۾ خزان جو ڪو ديرو ڄمايل هجي ته ماڻهو پاڻ سرءُ ٿي پوندو آهي. هڪ لحاظ کان اها سوچ به اچي ٿي ته شايد وقت اسان جي اندر ۾ گردش ڪندو آهي. هلندڙ وقت ۾، حياتيءَ ۾ دٻاءُ وڌندو ٿو وڃي....عام طور تي هر ماڻهو ”اسٽريس“ ۽ ”ڊپريشن“ جا لفظ ڪتب آڻڻ لڳو آهي. ”مايوسي“ لفظ گهٽ ماڻهن جي زبان تي اچي ٿو. عام کي، عامَ سان گفتگو ڪرڻي هوندي آهي ته به اهو ئي چوندو آهي ”يار ڊپريشن ٿي ويو آهي“، ”ڪجهه ڊپريسڊ آهيان يار....“ چوڻ وارو نه صرف چوندو آهي، بلڪ ٻڌڻ وارو به سمجهي ويندو آهي ته همراهه جو ڇا مطلب آهي. ٻوڙ ۾ پوندڙ پٽاٽي ۽ بصر جيان انهن جو واهپو عام ٿي ويو آهي.
سڄي دنيا ۾ مايوسيءَ جي لهر شدت وٺي رهي آهي. پر اسان وٽ وري ان جو عڪس ڪجهه ٻيو آهي، اسين الاءِ ڇو مَن جا مُوڙها ٿيندا پيا وڃون، سمجهه ۾ گهڻو ڪجهه نه ٿو اچي بس سمجهائڻ تي زور ڏيندڙ آهيون. هاڻي جنهن کي پاڻ سمجهه ۾ نه اچي، اهو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن کي ڪجهه سمجهائي ته ان ”سمجهاڻيءَ جو معيار“ به اوهين سمجهي سگهو ٿا. هڪڙو ٻئي تائين، سوشل ميڊيا جي مهربانيءَ سان، هر قسم جي معلومات بنان ڪنهن پڪَ ڪرڻ جي پهچائي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو، جو آيل نياپو مڪمل پڙهي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ڊگهو هوندو آهي، اڌ تائين ڏسبو آهي ۽ ”ٺڪ“ سان اڳيان فارورڊ ڪري ڇڏبو آهي.
هاڻي اهو موڪلڻ جو عمل، هڪ کان هڪ تائين هجي ته به ٺيڪ آهي نه....اسين هڪ وجود، هڪ گروپ کي موڪليندا آهيون ۽ خيرن سان، گروپن ۾ وري سوين ميمبر شامل هوندا آهن. معنيٰ، غلط ڄاڻ هڪ کان هزارين ماڻهن تائين لحظي ۾ پهچي ويندي آهي. عذاب ته اهو به هوندو آهي ته ڪو ورلي دوست تصديق ڪندو هجي، هرڪو بس ”فاسٽ فارورڊ“ ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. فيس بڪ، واٽس ائپ ۽ ٻيون شيون جتي بيحد ڪارآمد آهن، اتي اسان جهڙي قوم لاءِ بيحد نقصانڪار به آهن. زندگي سدائين تصديق گهرندي آهي ۽ اسين بس گهڻو ڪري ٻُڌيءَ جا بادشاهه هوندا آهيون. هڪ ننڍڙي مثال تي غور ٿا ڪيون. اسان مان گهڻا مهربان ڪنهن به لفظ جي جانچ لاءِ ”ڊڪشنري“ کوليندا آهن؟...گهڻا صحيح اسپيلنگ جي پڪَ ڪندا آهن؟...گهڻن وٽ ڊڪشنري موجود هوندي آهي؟ حد ته اها هوندي آهي جو اسان مان ڪيترن کي ان ۾ لفظ ڳولڻ به نه ايندو آهي. سڄي عمر اسين، ٻُڌي ٻُڌي پيا اسپيلنگز ياد ڪندا آهيون. پوءِ صحيح ٻڌون ته واهه، نه ته به خير آهي. ڪهڙو اسان انگريزَ آهيون.
لاغرضي عجب حد تائين آهي. شل نه ڪنهن کان ڪنهن ڪتاب جو وچورُ ٻڌون...ائين بيان ڪنداسين، ڄڻ هڪ هڪ سٽَ اسان جي پڙهيل هجي. ڪو، ڪنهن فلم جو قصو ڪندو ته اسين وڃي پنهنجي واري تي، ٻين کي ائين اسٽوري ٻڌائينداسين ڄڻ، انهن سڀني کي فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي ئي اسان ويا هئاسين.
هي سڀ بظاهر ننڍيون ننڍيون ڳالهيون آهن، عزيزانِ منَ....پر آهن بنيادي...جيڪڏهن اسان غلط ڄاڻ پکيڙيون ٿا ته دراصل اسان هڪ وڏي غلطي ڪري رهيا آهيون. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان ڪڏهن ڪو مئسيج اڳتي نه وڌايون. مقصد ۽ مطلب اهو آهي ته ان نياپي کي اسان ڪيترو سمجهيو آهي ۽ اڳيان موڪلڻ مهل، ان نياپي جي يقيني هجڻ جي، اسان کي ڪيتري پڪ آهي. انهن ميدانن ۾، الائي ڪيترا علاج ڏسڻ ۾ ايندا آهن، الائي ڪيتريون صلاحون مفت ۾ ملنديون آهن ۽ هونئن به، صلاح ڏيڻ ۾ ڪيترو خرچ اچي ٿو! اڳي، راهِه خدا ڏيندي، خدا جو خوف ٿيندو هو. هاڻي جديد دؤر آهي. صلاح ڏيڻ گهرجي، ان ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اسان جي نيت ته صاف آهي. دل ۾ ڪهڙو مير اٿئون. هاڻي اسين سوچون ٿا ته پڪ اسان کان هڪ ٻڌل قصي جي نٿي ٿئي ته پوءِ علاج لاءِ موڪليل اهو نسخو ڪهڙي خوشيءَ ۾ بنا پڪ جي اڳتي وڌايون ٿا!؟ هاڻي اها سڄي سوچ اسان کي ڪُلهن تي بار کڻائي ٿي، اهو ئي ڊپريشن بڻجي ٿو.
اسين، ان حقيقت کي محسوس ڪندي، شين کي ٺيڪ ڇو نٿا ڪرڻ گهرون! ڇو ٿا ان وهڪري ۾ وهندا وڃون جيڪو اسان سڀني کي ذهني، جسماني، روحاني پيڙائن ڏانهن کنيو ٿو وڃي، جيڪو هلندڙ دؤر ۾ ڊپريشن جو اهم سبب آهي ۽ جنهن کي اسين خاطر ۾ ئي نٿا آڻيون. دنيا سڄي ائين به ناهي، جيڪي ڪجهه مان مٿي لکي آيو آهيان، ڪجهه ماڻهو ان کان مختلف به آهن. حياتي ۾ ڏيئا ٻارين ٿا، روشنايون ڪن ٿا، جي سچ ڄاڻجي ته جهان هلي ئي ان جي ڪارڻ ٿو، جي نه، ته ائين ڪٿي چمن جو ڪاروبار هلي!
منهنجو پوٽو عزيد عبدالرحمان، جڳ مشهور اداري ايس آءِ يُو ٽُي ۾ انٽرنشپ ڪرڻ ويو. موٽيو ته سندس سوچ جو جهان ئي مٽيل هو. هڪ ئي هفتي ۾ حياتيءَ جا الائي ڪيترائي رنگ ڏسي آيو هو. خدمتون، علاجَ، محنتون، محبتون. هڪ ننڍڙي عرصي ۾ پرائڻ دوران، حيرتن جي جهان مان هڪ چونڊ قصو ٻڌايائين ”اتي سڀني وٽ ڪو نه ڪو مقصد هو پاپا....حد ته اها هئي ته اتي هڪ ڪُراڙي آنٽي روز ايندي آ....بلائينڊ آ...صفا نابين....ڏسي ناهي سگهندي. ٻيو ڪجهه نٿي ڪري سگهي، پر کيس مائُوٿ آرگن زبردست وڄائڻ ايندو آهي ته هو روز مريضن وٽ اچي، اتي ويهي، مائوٿ آرگن وڄائيندي آهي ته من مريضن کي سٺا سٺا سُر ٻڌڻ لاءِ ملن، هو وندرجي وڃن ۽ سندن وقت سٺو گذري ۽ مٿان وري سندن سور به گهٽ ٿئي!“ الله اڪبر...هوءَ ڏسي نٿي سگهي، درد جي ان ڪيفيت کي جيڪا مريض جي وجود کي ويڙهيل آ، هوءَ ڏسي نٿي سگهي، خوشيءَ جي ان ڪيف کي، جيڪو هن مريض جي وجود ۾ تڏهن ڀرجندو هوندو، جڏهن هُو سندس ڌُنَ ٻُڌندو هوندو. هوءَ ڏسي ته نٿي سگهي، پر سندس وجود، ان ڏک ۽ پوءِ ان نرم احساس کي محسوس ته ڪري سگهي ٿو نه. معنيٰ بينائي نه هوندي به بينا آهي ۽ اسين غلط ڄاڻ ڏيڻ جي عمل ۾ بينا هوندي به، نابينا آهيون...ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي.
سال 1439 هجري شروع ٿيو آهي، وقت اڳيان وڌندي، اسان ڏي مُڙي نگاهه وڌي آهي. ڇا اسين هن سال ائين ڪري سگهون ٿا ته ڪا به ڳالهه، جيڪا اڳتي پڄايون، تنهن جي اسان جي اندر کي پڪ حاصل هجي.
mehmoodmughal@hotmail.com

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع